سينيٽ چيئرمين سان اٽلي جي سفير جي غير رسمي ملاقات

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اٽلي سان پاڪستان جي جٽادار ۽ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن، علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ سهڪار تي ٻَڌل آهن. اها ڳالهه هن اٽلي جي 80هين يومِ جمهوريه جي موقعي تي رٿيل آجياڻي واري تقريب دوران پاڪستان ۾ اٽلي …

اسلام آباد- 03 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اٽلي سان پاڪستان جي جٽادار ۽ دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مفادن، علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ سهڪار تي ٻَڌل آهن. اها ڳالهه هن اٽلي جي 80هين يومِ جمهوريه جي موقعي تي رٿيل آجياڻي واري تقريب دوران پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ماريلينا آرميلن سان غير رسمي ملاقات دوران چئي. سينيٽ چيئرمين سينيٽ ۽ پاڪستاني عوام طرفان اٽلي جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون پيش ڪندي اٽلي کي پاڪستان جو اعتماد جوڳو دوست قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ٻه طرفه ناتا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني سفارتڪاري، واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي پاڪستان جي، جي ايس پي پلس اسٽيشن جي حوالي سان اٽلي جي حمايت کي ساراهيو. هن صحت، تعليم ۽ صفائيءَ جي شعبن ۾ اٽلي جي ترقياتي سهڪار کي به قدر جوڳو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين اٽلي جي سفير جي پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وسعت اختيار ڪندو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين يادگاري ڪيڪ به ڪاٽيو ۽ اٽلي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں