سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سان چيني قونصل جنرل جي الوداعي ملاقات

ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل سهڪار جي عڪاسي ڪندي عوامي جمهوريه چين جي ڪراچي ۾ مقرر قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ پنهنجي سفارتي ذميوارين جو مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن، پارلياماني تعاون ۽ مستقبل جي گڏيل موقعن …

ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل سهڪار جي عڪاسي ڪندي عوامي جمهوريه چين جي ڪراچي ۾ مقرر قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ پنهنجي سفارتي ذميوارين جو مدو مڪمل ٿيڻ کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن، پارلياماني تعاون ۽ مستقبل جي گڏيل موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي ترجمان موجب ملاقات ۾ چين جو وائيس قونصل جنرل فينگ دهينگ پڻ موجود هو، جڏهن ته سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق ۽ ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ به شريڪ هئا. قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ ڪراچي ۾ پنهنجي مقرري دوران حاصل ٿيل تجربن جو ذڪر ڪندي سنڌ جي عوام، سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت طرفان ملندڙ محبت، سهڪار ۽ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ايتري مضبوط ۽ گهري آهي، جو ڪراچي ۾ رهائش دوران کيس ڪڏهن به پنهنجي وطن کان پري هجڻ جو احساس نه ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي هڪ متحرڪ، پرامن ۽ موقعن سان ڀرپور شهر آهي، جيڪو هر طبقي جي ماڻهن لاءِ پرڪشش حيثيت رکي ٿو. ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، سهڪار ۽ بي مثال دوستي تي ٻڌل آهن. هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي تازو ئي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي متفقه قرارداد منظور ڪئي، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏور رس قيادت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. اسپيڪر چيو ته چيئرمين مائو زي تنگ کان وٺي موجوده چيني قيادت تائين، چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي قونصل جنرل ياد ڏياريو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انهن آخري عالمي اڳواڻن مان هڪ هئا، جن چيئرمين مائو سان سندس وفات کان اڳ ملاقات ڪئي هئي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي تاريخي دوستي جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. سيد اويس قادر شاهه چيو ته جيڪڏهن قونصل جنرل ايندڙ بجيٽ اجلاس تائين ڪراچي ۾ موجود رهيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن طرفان سندس اعزاز ۾ خصوصي الوداعي تقريب منعقد ڪئي ويندي. هن صدر آصف علي زرداري جي تازي چين جي دوري ۽ چيئرمين مائو جي اباڻي علائقي جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ موجود گهري احترام ۽ مضبوط لاڳاپن جو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جي تقريب دوران درست نشاندهي ڪئي هئي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي پنهنجي نوعيت ۾ منفرد، غير مشروط ۽ بي مثال آهي. ملاقات دوران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه قومي اسيمبلي جي طرز تي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان – چين فرينڊشپ گروپ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر سميت سڀني پارلياماني پارٽين جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي. هن چيو ته اهڙي قدم سان قانون ساز ادارن وچ ۾ لاڳاپا، عوامي رابطا ۽ واپاري سهڪار وڌيڪ هٿي وٺندا. قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ ان تجويز جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته ان سان صوبائي سطح تي پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن تجويز ڏني ته مستقبل ۾ اهڙي پليٽ فارم ذريعي سنڌ اسيمبلي جا وفد چين جا مطالعاتي دورا پڻ ڪري سگهن ٿا. سيد اويس قادر شاهه پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو مستقبل ۾ چين ۽ خاص طور تي چيئرمين مائو جي اباڻي علائقي جو دورو ڪرڻ چاهي ٿو. ملاقات دوران اسپيڪر پنهنجي اڳوڻي وزارت جي دور ۾ ٽرانسپورٽ جا تجربا ونڊيندي ٻڌايو ته پيپلز بس سروس لاءِ بسن جي خريداري دوران چيني ڪمپنين سان ويجهو تعاون رهيو ۽ انهن عالمي مصروفيتن باوجود سنڌ کي وقت سر بسن جي فراهمي يقيني بڻائي. آخر ۾ اسپيڪر، قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ کي پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل قرارداد جي ڪاپي، سنڌ اسيمبلي جي ليگيسي شيلڊ، سنڌي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخ بابت ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا. قونصل جنرل يانگ يون ڊونگ سنڌ اسيمبلي ۽ اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جو ٿورا مڃيندي چيو ته ڪراچي ۾ سندس مقرري جو دور محبت، احترام ۽ گڏيل سهڪار سان ڀرپور رهيو، جنهن جون يادون هميشه سندس ساڻ رهنديون.

مزید خبریں