حيدرآباد- 03 جون (اي پي پي) حيدرآباد سٽي ۽ بي سيڪشن پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪيس ۾ گهربل جوابدار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي خاص حڪمن تي حيدرآباد پوليس جون ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون جاري آهن. بي سيڪشن پوليس کي …
حيدرآباد پوليس جي ڏوهاري عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروائي، موٽر سائيڪل چوري ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار
حيدرآباد- 03 جون (اي پي پي) حيدرآباد سٽي ۽ بي سيڪشن پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪيس ۾ گهربل جوابدار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي خاص حڪمن تي حيدرآباد پوليس جون ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون جاري آهن. بي سيڪشن پوليس کي ڳجهو اطلاع مليو ته ڪيس نمبر 139/2026 قلم 381-A PPC تحت گهربل جوابدار حميد عرف ميڊا ڀٽي سٽي ٿاڻي جي حد کوکر محلي ۾ پنهنجي واقفڪارن جي گهر تي چوري ٿيل موٽرسائيڪل سميت موجود آهي. اطلاع ملڻ تي بي سيڪشن پوليس سٽي ٿاڻي جي پوليس سان گڏ گڏيل ڪارروائي ڪندي کوکر محلي ۾ ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران جوابدار جي ساٿين پوليس تي پٿراءُ ڪندي سرڪاري فرضن جي ادائيگي ۾ مداخلت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو ۽ سندس وردي پڻ ڦاٽي پئي. پوليس بهترين حڪمت عملي تحت ڪارروائي ڪندي گهربل جوابدار حميد عرف ميڊا ڀٽي سميت محمد علي ۽ زين احمد کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ جوابدار منظور کوکر موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.گرفتار جوابدارن جي قبضي مان مٿئين ڪيس جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل نمبر HBH-5842 (يونڪ) هٿ ڪئي وئي. جوابدارن خلاف پوليس تي حملي، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ ٻين لاڳاپيل ڏوهن تحت ڪيس نمبر 95/2026 قلم 353, 324, 337Hii, 34 تعزيراتِ پاڪستان تحت داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.












