سنڌ جي گهرو کاتي پاران سوشل ميڊيا تي مارڪيٽن، ريسٽورنٽن، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن جي ڪاروباري وقتن بابت گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي ۽ بي بنياد قرار

ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) سوشل ميڊيا تي مارڪيٽن، ريسٽورنٽن، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن جي ڪاروباري وقتن بابت سنڌ جي گهرو کاتي جي نالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي ۽ بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته اهڙو ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ اطلاع مڪمل طور تي بي بنياد آهن. …

ڪراچي- 03 جون (اي پي پي) سوشل ميڊيا تي مارڪيٽن، ريسٽورنٽن، فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ شادي هالن جي ڪاروباري وقتن بابت سنڌ جي گهرو کاتي جي نالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي ۽ بي بنياد قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته اهڙو ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ اطلاع مڪمل طور تي بي بنياد آهن. گهرو کاتي عوام، واپاري برادري، ريسٽورنٽ مالڪن ۽ شادي هالن جي انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته هو سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ غير تصديق ٿيل اطلاعن تي يقين نه ڪن ۽ رڳو سرڪاري ذريعن تان جاري ڪيل معلومات تي ڀروسو ڪن. پڌرائي موجب جعلي نوٽيفڪيشن تيار ڪري يا ان کي ڦهلائيندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. گهرو کاتي وڌيڪ واضح ڪيو آهي ته سرڪاري نوٽيفڪيشن صرف سنڌ جي گهرو کاتي جي مجاز ۽ سرڪاري ذريعن وسيلي جاري ڪيا ويندا آهن.

مزید خبریں