حيدرآباد- 03 جون (اي پي پي) ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي خصوصي هدايتن تي ٽنڊوڄام پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات سپلائر کي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. تفصيل موجب ٽنڊوڄام ٿاڻي جي ايس ايڇ او پنهنجي اسٽاف سان گڏ ڳجهي اطلاع تي لال ڇترا قبرستان ويجهو چيڪنگ …
ٽنڊوڄام پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪارروائي، هڪ جوابدار ڪچي شراب سميت گرفتار، ڪيس داخل
حيدرآباد- 03 جون (اي پي پي) ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي خصوصي هدايتن تي ٽنڊوڄام پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات سپلائر کي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. تفصيل موجب ٽنڊوڄام ٿاڻي جي ايس ايڇ او پنهنجي اسٽاف سان گڏ ڳجهي اطلاع تي لال ڇترا قبرستان ويجهو چيڪنگ دوران ڇاپو هنيو. ڪارروائي دوران پوليس منشيات سپلائر نثار علي چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي مجاهد شاهه ۽ هاشم شاهه موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس جوابدارن جي قبضي مان 30 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو آهي. ٽنڊوڄام پوليس گرفتار ۽ فرار جوابدارن خلاف ڪرائم نمبر 125/2026 تحت، 3/4 حدود آرڊيننس جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ علائقي مان منشيات جي خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.












