فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سمورين 48 ٽيمن جي اسڪواڊز جي تصديق، ميسي ۽ رونالڊو ڇهون ڀيرو ايڪشن ۾ نظر ايندا

جنيوا- 03 جون (اي پي پي) انٽرنيشنل فٽبال فيڊريشن (فيفا) سال 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ سڀني 48 ٽيمن جي آخري اسڪواڊز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جنهن تحت ميگا ايونٽ ۾ ڪل 1248 رانديگر ان ميگا ايونٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ڀيري ارجنٽائن جو ليونل ميسي، پرتگال جو ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ميڪسيڪو جو گليرمو اوچوا رڪارڊ ڇهون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏندا، جڏهن …

جنيوا- 03 جون (اي پي پي) انٽرنيشنل فٽبال فيڊريشن (فيفا) سال 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ سڀني 48 ٽيمن جي آخري اسڪواڊز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جنهن تحت ميگا ايونٽ ۾ ڪل 1248 رانديگر ان ميگا ايونٽ ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ڀيري ارجنٽائن جو ليونل ميسي، پرتگال جو ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ ميڪسيڪو جو گليرمو اوچوا رڪارڊ ڇهون ڀيرو ورلڊ ڪپ کيڏندا، جڏهن ته ڪيپ ورڊي، ڪيوراسائو، اردن ۽ ازبڪستان جون ٽيمون پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺي رهيون آهن. 11 جون کان شروع ٿيندڙ ورلڊ ڪپ جا 104 ميچ ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ۾ کيڏيا ويندا ۽ فائنل 19 جولاءِ تي ٿيندو. ٽورنامينٽ ۾ 357 رانديگر شامل آهن، جيڪي اڳ ۾ ورلڊ ڪپ ۾ کيڏي چڪا آهن، جڏهن ته 891 رانديگر وڏي اسٽيج تي پنهنجو ڊيبيو ڪندا. اسڪاٽ لينڊ جو گول ڪيپر ڪريگ گورڊن ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڏي عمر جو رانديگر هوندو، جنهن جي عمر 43 سال ۽ 162 ڏينهن آهي، جڏهن ته ميڪسيڪو جو گلبرٽو مورا 17 سال ۽ 240 ڏينهن جو سڀ کان ننڍو رانديگر آهي. ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ 22 رانديگر 20 سالن کان گهٽ عمر جا هوندا، جڏهن ته 7 رانديگر 40 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جا هوندا. ميگا ايونٽ دوران ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ آمريڪا ۾ ڪل 104 ميچ کيڏيا ويندا.

مزید خبریں