گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر، صوبي …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر، صوبي کي درپيش سيڪيورٽي چئلنجز کان وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو. گهرو وزير ۽ خيبر پختونخوا جي گورنر، فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن، دهشتگردي خلاف جنگ جي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته خيبر پختونخوا ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هن خيبر پختونخوا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. محسن نقوي چيو ته وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ امن جي قيام لاءِ خيبر پختونخوا حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪري رهي آهي. 

مزید خبریں