سنڌ جي وڏي وزير پاران بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 17 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي تي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي خراج تحسين پيش

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 17 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي تي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ملڪ دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ ملڪ ۾ امن امان کي نقصان پهچائڻ واري هر …

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي دوران 17 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي تي پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير چيو ته ملڪ دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ ملڪ ۾ امن امان کي نقصان پهچائڻ واري هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ۽ وطن جي دفاع، امن جي بحالي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر سپوتن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ قربانين سبب ملڪ دشمن قوتن جا ناپاڪ ارادا هميشه ناڪام ٿيندا رهندا.

مزید خبریں