خيبر پختونخواهه جي گورنر جي وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊي آءِ ان جي دينار اسپتال لاءِ ريڊيولاجي مشينري ۽ طبي اوزارن جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر چيو ته ڏکڻ ضلعن جي ڪينسر جي مريضن کي شديد ڏکيائيون درپيش آهن، …

اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڊي آءِ ان جي دينار اسپتال لاءِ ريڊيولاجي مشينري ۽ طبي اوزارن جي فراهمي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي گورنر چيو ته ڏکڻ ضلعن جي ڪينسر جي مريضن کي شديد ڏکيائيون درپيش آهن، وفاق طبي اوزارن جي فراهمي ۾ سهڪار ڪري، جنهن تي وفاقي وزير دينار اسپتال لاءِ ضروري مشينري ۽ طبي اوزارن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي. گورنر چيو ته وفاق صحت جي شعبي ۾ ڪي پي ڪي جي پٺتي پيل ۽ متاثر علائقن تي خاص ڌيان ڏي، دينار اسپتال ۾ جديد طبي سهولتن جي فراهمي سان ڏکڻ ضلعن جي مريضن کي رليف ملندو. وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ صحت جي سهولتن جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين. ملاقات ۾ وفاق ۽ ڪي پي ڪي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو.

مزید خبریں