اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان چين جي گلوبل گورننس انسٽيٽيوٽ ۽ ڪنگ شي اوورسيز بزنس اينڊ انويسٽمنٽ آرگنائيزيشن جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جي فروغ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان چين اڪنامڪ اينڊ ڪلچرل ڪائونسل جو صدر بايزيد ڪاڪڙ به شريڪ هو. …
خيبرپختونخواهه جي گورنر سان چين جي گلوبل گورننس انسٽيٽيوٽ ۽ ڪنگ شي اوورسيز بزنس اينڊ انويسٽمنٽ آرگنائيزيشن جي نمائنده وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان چين جي گلوبل گورننس انسٽيٽيوٽ ۽ ڪنگ شي اوورسيز بزنس اينڊ انويسٽمنٽ آرگنائيزيشن جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۽ چين وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جي فروغ جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان چين اڪنامڪ اينڊ ڪلچرل ڪائونسل جو صدر بايزيد ڪاڪڙ به شريڪ هو. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ڪي پي ڪي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص ڪري معدنيات، سياحت، تجديد جوڳي توانائي ۽ ٻين اڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. چيني وفد صوبي جي قدرتي وسيلن، جاگرافيائي اهميت ۽ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيتن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. گورنر پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي ۽ آزمايل دوستي کي ٻنهي ملڪن جو قيمتي اثاثو قرار ڏنو. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين جي مسلسل سهڪار کي ساراهيندي خطي جي خوشحالي لاءِ چيني ادارن ۽ سيڙپڪارن جي ڪردار جي تعريف ڪئي.












