ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيل سنڌ ڪابينا جي اهم اجلاس ۾ صوبي جي ترقي، شهري انفراسٽرڪچر، توانائي، صحت، سيڪيورٽي ۽ اعليٰ تعليم بابت ڪيترن ئي اهم منصوبن ۽ پاليسين جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي 16 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 8.825 ارب رپين جا اضافي فنڊ، جڏهن ته ڪراچي ۾ روڊن، …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس، ڪيترن ئي اهم منصوبن جي منظوري ڏني وئي
ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اڱاري ڏينهن ٿيل سنڌ ڪابينا جي اهم اجلاس ۾ صوبي جي ترقي، شهري انفراسٽرڪچر، توانائي، صحت، سيڪيورٽي ۽ اعليٰ تعليم بابت ڪيترن ئي اهم منصوبن ۽ پاليسين جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي 16 ترقياتي اسڪيمن لاءِ 8.825 ارب رپين جا اضافي فنڊ، جڏهن ته ڪراچي ۾ روڊن، پُلن ۽ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ جي بهتري لاءِ 11.198 ارب رپين جي لاڳت وارن وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن جي منظوري ڏني. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبائي وزير سيد ناصر شاهه پاران پيش ڪيل سفارشن جي بنياد تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي شعبي ۾ هلندڙ 16 سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) اسڪيمن لاءِ 8.824 ارب رپين جا اضافي فنڊ منظور ڪيا ويا. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سموريون ادائيگيون مقرر قانوني گهُرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ هلندڙ مالي سال اندر مڪمل ڪيون وڃن. ڪابينا ڪراچي ميگا پروجيڪٽ تحت 11 اهم غير اي ڊي پي منصوبن جي منظوري پڻ ڏني، جن جي مجموعي لاڳت 11.198 ارب رپيا آهي. انهن منصوبن ۾ حاجي ابراهيم عيسيٰ روڊ، حاجي ڪيمپ روڊ، ڪورنگي لنڪ روڊ، ڪلفٽن ۽ ميرين ڊرائيو سان لاڳاپيل روڊن، اسڪيم 33 جي مهراڻ ۽ پاجيرو روڊن، ڪورنگي ڪريڪ ائربيس روڊ، گلزار هجري ۾ جناح ايونيو جي توسيع ۽ بلديا اسٽيڊيم روڊ سميت ڪيترن ئي اهم شاهراهن جي بحالي ۽ اپگريڊيشن شامل آهي. ان کان علاوه اتر ڪراچي جي پاور هائوس چورنگي ۽ سرجاني ٽائون جي ڪي – 4 چورنگي تي ٻه وڏا فلائي اوور تعمير ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سيهوڻ شريف ۾ حضرت لعل شهباز قلندر جي درگاهه، لعل باغ ۽ سول سينٽر جي بحالي ۽ خوبصورتي لاءِ 485 ملين رپين جي هڪ غير ترقياتي اسڪيم جي منظوري ڏني وئي، جنهن جو مقصد زائرين لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ آهي. توانائي جي شعبي ۾ ڪابينا صوبي جي آئيني حق تحت قدرتي گيس جي 12.5 سيڪڙو رائلٽي کي جزوي طور نقد بدران ”ان ڪائنڊ“ بنيادن تي حاصل ڪرڻ لاءِ نئين فريم ورڪ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته نئين نظام سان سنڌ کي ساليانو 26 ارب رپين کان وڌيڪ اضافي مالي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته توانائي، سيڪيورٽي ۽ مقامي صنعتن کي به هٿي ملندي. ان مقصد لاءِ توانائي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي، جيڪا 30 ڏينهن اندر سفارشون پيش ڪندي. صحت جي شعبي ۾ ڪابينا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ 111 آئوٽ سورس هيلٿ سهولتن بابت بقايائن جي ادائيگي لاءِ 395.019 ملين رپين جي منظوري ڏني. ساڳئي وقت ”سنڌ نرسنگ ورڪ فورس اسٽرٽيجڪ پاليسي 2026-2040ع“ جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن جو مقصد نرسن جي کوٽ ختم ڪرڻ، تربيت ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ ۽ صحت جي خدمتن جي معيار ۾ واڌارو آڻڻ آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل ٻڌايو ته سنڌ ۾ في هزار آبادي تي نرسن جو تناسب عالمي معيار کان گهڻو گهٽ آهي، جنهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪابينا ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) لاءِ 857.024 ملين رپين جي نظرثاني ٿيل خريداري منصوبي جي منظوري ڏني ۽ جديد سامان ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن سان سڌو معاهدو ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪابينا شاهراهه ڀٽو جي سمان ڳوٺ واري 4.5 ڪلوميٽر ڊگهي اوچي حصي تي سولر اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب لاءِ 171.205 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته قانون کاتي ۾ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راشده صديقي جي صلاحڪار طور مقرري ۽ بيرسٽر سيد غلام شبير شاهه جي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ طور مقرري جي توثيق ڪئي وئي. اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ ڪابينا حبيب يونيورسٽي ايڪٽ 2012ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪراچي ۾ فاطميه انٽرنيشنل يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڊرافٽ چارٽر جي به منظوري ڏني وئي. نئين يونيورسٽي جو مقصد معياري اعليٰ تعليم، تحقيق ۽ جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ پروفيشنل مهارتن کي فروغ ڏيڻ آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شهري انفراسٽرڪچر جي بهتري، عوامي خدمتن جي معيار ۾ واڌاري، توانائي وسيلن جي موثر استعمال ۽ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ پائيدار سڌارن لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان صوبي جي مجموعي ترقي ۽ عوام جي زندگي ۾ بهتري آندي ويندي.












