اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن، گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائپي وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ …
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ترڪ سفير جي ملاقات
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن، گڏيل تعاون ۽ ٻطرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائپي وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون ۽ خيبر پختونخوا ۽ ترڪيه وچ ۾ اقتصادي رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته پاڪ – ڀارت جنگ ۾ ترڪيه، پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، نئين نسل کي پاڪ ترڪ دوستي ۾ متحرڪ ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا جي واپارين ۽ شاگردن جو ترڪيه دورن جو سلسلو شروع ڪيو وڃي، ٻنهي ملڪن جي ثقافتي ۽ ادبي وفدن جا دورا به انتهائي ضروري آهن، اهڙن قدمن سان ترڪيه ۽ پاڪستان دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. ترڪيه جي سفير ٻڌايو ته پشاور کي ترڪيه جي هڪ شهر سان گڏ سسٽر سٽي قرار ڏنو ويندو، پاڪستان جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تربيت جي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪنداسين. ترڪ سفير، وزيراعظم يوٿ پروگرام کي نوجوانن جي ترقي لاءِ هڪ مثبت ۽ موثر قدم قرار ڏنو.












