صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس 2025ع دوران رڪارڊ 25 هزار 217 عوامي شڪايتون وصول ڪيون: رپورٽ

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس 2025ع دوران رڪارڊ 25 هزار 217 عوامي شڪايتون وصول ڪيون، جيڪي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 236 سيڪڙو وڌيڪ آهن. صوبائي محتسب ڊاڪٽر سهيل راجپوت پنهنجي سالياني رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪندي ٻڌايو ته 8 هزار 789 ڪيسن ۾ شهرين کي رليف فراهم ڪيو ويو، جنهن سان 4.29 ارب رپين جا مالي …

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس 2025ع دوران رڪارڊ 25 هزار 217 عوامي شڪايتون وصول ڪيون، جيڪي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 236 سيڪڙو وڌيڪ آهن. صوبائي محتسب ڊاڪٽر سهيل راجپوت پنهنجي سالياني رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪندي ٻڌايو ته 8 هزار 789 ڪيسن ۾ شهرين کي رليف فراهم ڪيو ويو، جنهن سان 4.29 ارب رپين جا مالي فائدا حاصل ٿيا. جاري ڪيل رپورٽ موجب 12 هزار 591 ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته آن لائن ڪمپلينٽ مئنيجمينٽ سسٽم ذريعي هزارين شڪايتن جي رجسٽريشن ۽ نگراني ممڪن بڻائي وئي. سڀ کان وڌيڪ شڪايتون مقامي حڪومت، روينيو، تعليم، پوليس ۽ واٽر اينڊ سيوريج کاتن خلاف داخل ٿيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه محتسب اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته اهڙا ادارا عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ شفاف گورننس کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته حڪومت محتسب آفيس جي صلاحيت، پهچ ۽ آزادي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪمل سهڪار جاري رکندي.

مزید خبریں