صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي بابت ڪنهن به قسم جي کوٽ جو ڪو خدشو ناهي: صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان صوبي جي مختلف علائقن ۾ اٽي ۽ ماني جي اگهن ۾ واڌ بابت گردش ڪندڙ خبرن جو سخت نوٽيس وٺندي خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي وزير جي ترجمان موجب خوراڪ واري وزير …

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان صوبي جي مختلف علائقن ۾ اٽي ۽ ماني جي اگهن ۾ واڌ بابت گردش ڪندڙ خبرن جو سخت نوٽيس وٺندي خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي فوري طور صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. صوبائي وزير جي ترجمان موجب خوراڪ واري وزير واضح ڪيو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿي آهي ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي بابت ڪنهن به قسم جي کوٽ جو ڪو خدشو ناهي، تنهن ڪري مارڪيٽ ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ يا مصنوعي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. مخدوم محبوب الزمان چيو ته ڪڻڪ، اٽي ۽ ماني جي اگهن ۾ مصنوعي واڌ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن خوراڪ کاتي جي اعليٰ عملدارن کان ڪڻڪ جي ذخيرن، اٽي جي دستيابي، سپلاءِ چين ۽ مارڪيٽ ۾ اگهن جي مجموعي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ته جيئن حقيقتن جي روشني ۾ فوري فيصلا ڪري سگهجن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سڄي صوبي ۾ فلور ملن، هول سيل ۽ پرچون مارڪيٽن جي سطح تي اگهن جي لاڳيتو نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ذخيرا اندوزي، ناجائز منافعي خوري يا مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي جا وڏا ذخيرا موجود آهن، تنهن ڪري اگهن ۾ بنا جواز واڌ جو ڪو به جواز نٿو بڻجي. مخدوم محبوب الزمان خبردار ڪيو ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته اهڙن عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، جيڪي عوامي ضرورت جي شين جي اگهن ۾ مصنوعي واڌ ڪري شهرين کي مشڪلاتن ۾ وجهن ٿا. هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي اسٽاڪ، فراهمي ۽ مارڪيٽ ريٽ جي روزانو جي بنيادن تي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به ضلعي يا علائقي ۾ اٽي يا ماني جي اگهن ۾ غيرقانوني واڌ جي صورت ۾ فوري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي مناسب اگهن تي معياري اٽو ۽ ماني فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ اگهن جي استحڪام کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. هن عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن به علائقي ۾ اٽي يا ماني جي اگهن ۾ غيرقانوني واڌ يا مصنوعي کوٽ جون شڪايتون سامهون اچن ته لاڳاپيل انتظاميا کي فوري آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.

مزید خبریں