لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڌيءَ تعليم کاتي جي ملازمه فردوس خاتون ۽ سندس مڙس جاويد علي ڪوڪاري کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد پريل انڙ کي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس رمانڊ لاءِ لاڙڪاڻي جي انچارج پنجين سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين شاهاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي …
لاڙڪاڻو ۾ مبينا ڪارنهن الزام ۾ پنهنجي ڌيءَ ۽ سندس مڙس کي قتل ڪندڙ جوابدر عدالت ۾ پيش، جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي
لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي جي حد اتاترڪ ٽاور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڌيءَ تعليم کاتي جي ملازمه فردوس خاتون ۽ سندس مڙس جاويد علي ڪوڪاري کي قتل ڪندڙ جوابدار محمد پريل انڙ کي الهه آباد ٿاڻي جي پوليس رمانڊ لاءِ لاڙڪاڻي جي انچارج پنجين سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين شاهاڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جوابدار کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان الهه آباد ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار محمد پريل انڙ کي رمانڊ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.












