لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) شڪارپور پوليس جون منشيات ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گٽڪي خلاف ٻه وڏيون ڪارروائيون، 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي هدايتن تي پوري ضلعي ۾ منشيات سمگلنگ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جي خاتمي لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي. پھرين ڪارروائي ۾ لکيدير ٿاڻي جي پوليس ماري روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي جوابدار شمشاد ڪاڪيپوٽو …
شڪارپور پوليس جون منشيات ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گٽڪي خلاف ڪارروائيون، 3 جوابدار گرفتار
لاڙڪاڻو- 02 جون (اي پي پي) شڪارپور پوليس جون منشيات ۽ صحت لاءِ نقصانڪار گٽڪي خلاف ٻه وڏيون ڪارروائيون، 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا. ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم جي هدايتن تي پوري ضلعي ۾ منشيات سمگلنگ ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جي خاتمي لاءِ ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي. پھرين ڪارروائي ۾ لکيدير ٿاڻي جي پوليس ماري روڊ واري علائقي ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي جوابدار شمشاد ڪاڪيپوٽو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 635 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. اسٽورٽ گنج ٿاڻي پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن راھب گھنيو ۽ عبدالرؤف ڪاڪيپوٽو کي گرفتار ڪري انهن وٽان 500 گرام صحت لاءِ هاڃيڪار مين پوري گٽڪو سپاري هٿ ڪئي. جوابدارن خلاف مين پوري گٽڪو ايڪٽ 2019ع تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب پوري ضلعي ۾ منشيات ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين جي ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون.












