حيدرآباد- 02 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سماجي اڳواڻ ۽ اين ڊي ايف پاڪستان جي صدر عابد لاشاري (تمغهِ امتياز) کي سندس نمايان سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز ملڻ تي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي عابد لاشاري ڊپٽي ڪمشنر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس قاسم آباد ۾ قائم اين ڊي ايف بحالي مرڪز جي دوري جي دعوت ڏني. ڊپٽي ڪمشنر دعوت …
ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاران عابد لاشاري کي تمغهِ امتياز ملڻ تي شيلڊ پيش ڪئي وئي
حيدرآباد- 02 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ سماجي اڳواڻ ۽ اين ڊي ايف پاڪستان جي صدر عابد لاشاري (تمغهِ امتياز) کي سندس نمايان سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ تمغه امتياز ملڻ تي شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي عابد لاشاري ڊپٽي ڪمشنر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس قاسم آباد ۾ قائم اين ڊي ايف بحالي مرڪز جي دوري جي دعوت ڏني. ڊپٽي ڪمشنر دعوت قبول ڪندي ايندڙ هفتي مرڪز جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ سنڌ، خاص طور حيدرآباد ۾ ذهني معذوري رکندڙ ٻارن جي بحالي لاءِ اين ڊي ايف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ڊي ايف پاڪستان خاص ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عابد لاشاري پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اين ڊي ايف پاڪستان مستقبل ۾ به خاص ٻارن جي بحالي، تعليم ۽ بااختياري لاءِ پنهنجون خدمتون جاري رکندو.












