سکر- 02 جون (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ون تنوير احمد جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ون تنوير احمد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي آفتن جي روڪٿام، امداد ۽ بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هڪ اهم ادارو آهي، جيڪو …
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ون جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو اجلاس
سکر- 02 جون (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ون تنوير احمد جي صدارت ۾ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر ون تنوير احمد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي آفتن جي روڪٿام، امداد ۽ بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هڪ اهم ادارو آهي، جيڪو ٻوڏ، زلزلي، طوفان، باهه، خشڪي، وبائن ۽ ٻين قدرتي يا انساني آفتن جي صورت ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. اداري جي ذميوارين ۾ آفتن کان اڳ تياري، خطري ۾ گهٽتائي، هنگامي حالتن ۾ امدادي ڪارروائيون، متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ مختلف ادارن وچ ۾ هم آهنگي شامل آهي. ان سلسلي ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي هنگامي منصوبابندي، عوامي آگاهي، بچاءَ جون مشقون ۽ خطري وارن علائقن جي سڃاڻپ جهڙا قدم کڻي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته آفت دوران ادارو ريسڪيو ۽ رليف جون خدمتون فراهم ڪري ٿو، متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ٿو ۽ کين خوراڪ، صاف پاڻي ۽ طبي امداد مهيا ڪري ٿو. ھن صحت کاتي کي ھدايت ڪندي چيو ته برسات دوران ميڊيڪل ڪيمپون، دوائون اسٽاف، ايمبولنس جو به بندوبست ڪيو وڃي. ھن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ ميونسپل کي ھدايتون ڏيندي چيو ته امڪاني برسات کي نظر ۾ رکندي اوھان پنھنجي مشينري، جنريٽرن کي تيار حالت ۾ رکيو وڃي ۽ اسٽاف کي انھن ڏينھن دوران موڪلون نه ڏنيون وڃن ۽ امڪاني برسات کان ڊرينيج جي نالن جي صفائي ڪرائي رپورٽ فراھم ڪئي وڃي ۽ ڪانٽيجنسي پلان ٺاھي جمع ڪرايو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو سامان گھرجي ته اھو به لکت ۾ ڏنو وڃي. اي ڊي سي سکر ون 1122، کي ھدايتون ڏيندي چيو ته اوھان به پنھنجين گاڏين جون لسٽون جمع ڪرايو. ھن پبلڪ ھيلٿ وارن کاتي ھدايت ڪندي چيو ته اوھان به پنھنجي ڊسپولن جي مشينري کي تيار پوزيشن ۾ رکو ته جيئن وقت سر پاڻي نيڪال ڪري سگھجي. آخر ۾ هن ميونسپل، ڊسٽرڪٽ، ٽائون ڪاميٽي کي چيو ته اوھان به پنھنجي حدن ۾ نالن جي صفائي ڪرائي ھڪ ھفتي اندر سرٽيفيڪٽ جمع ڪرايو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي بشرا منصور، اسسٽنٽ ڪمشنر، پوليس، رينجرز، پي ڊي ايم اي، سيپڪو، ميونسپل، صحت، سول ڊفنس، لوڪل گورنمنٽ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جا اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.












