پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل طرفان پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جي شيڊول جو اعلان

سکر- 02 جون (اي پي پي) پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب خواهشمند پاڪستاني شهري، خاص طور تي نوجوان، 13 جون 2026ع تائين پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽرڪ ۽ انڊر …

سکر- 02 جون (اي پي پي) پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان آرمي ۾ سپاهي طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب خواهشمند پاڪستاني شهري، خاص طور تي نوجوان، 13 جون 2026ع تائين پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميٽرڪ ۽ انڊر ميٽرڪ اميدوار پڻ درخواست ڏيڻ جا اهل آهن، جڏهن ته مڊل پاس اميدوارن لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجو تعليمي سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل ايجوڪيشن آفيسر کان تصديق ڪرائي اچن ۽ خواهشمند اميدوارن لاءِ عمر جي حد 17 کان 23 سال مقرر ڪئي وئي آھي. وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اميدوار پاڪستان آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمينٽ سينٽر پنو عاقل جي ٽيليفون نمبر 071-5805599 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه خواهشمند اميدوار سينٽر تي ذاتي طور حاضر ٿي رجسٽريشن ۽ ڀرتي جي عمل بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪري سگھن ٿا. جن اميدوارن 26A ۾ پھريان رجسٽريشن ڪرائي ھئي اھي ٻيھر رجسٽريشن لا۽ اھل نه آھن.

مزید خبریں