سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چين جي قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊپٽي قونصل جنرل مسٽر شينگ ۽ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس پڻ شريڪ هئا. ملاقات دوران سيد مراد علي شاهه ۽ يانگ يونڊونگ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏني. چيني قونصل جنرل …

ڪراچي- 02 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊپٽي قونصل جنرل مسٽر شينگ ۽ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس پڻ شريڪ هئا. ملاقات دوران سيد مراد علي شاهه ۽ يانگ يونڊونگ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه تي هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏني. چيني قونصل جنرل وڏي وزير کي آڪٽوبر مهيني ۾ هوبي صوبي جي دوري جي دعوت ڏني، جيڪا وڏي وزير قبول ڪري ورتي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هوبي جو دورو سيڙپڪاري، زرعي ترقي ۽ ٻه طرفي تعاون جي واڌاري لاءِ اهم ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ جي زرعي ماهرن جو هڪ وفد جلد چين جو دورو ڪندو، جنهن جو مقصد جديد زرعي طريقن ۽ ٽيڪنالاجي جو جائزو وٺي انهن کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ هوندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ چين جي جديد زرعي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي زرعي شعبي ۾ جدت آڻڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نون زرعي فصلن ۽ گهٽ پاڻيءَ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ وارن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته چين جديد ٽيڪنالاجي وسيلي زرعي شعبي ۾ نمايان ترقي حاصل ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ ۽ چين وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ – چين دوستي خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي لازوال دوستي هر آزمائش جي گهڙي ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت چيني سيڙپڪاري ۽ گڏيل ترقياتي منصوبن جي آجيان ڪري ٿي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، اقتصادي سهڪار ۽ مستقبل جي ڀائيواري تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين سنڌ ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي تعاون، سيڙپڪاري ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڏي وزير چيو ته پاڪ – چين دوستي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام وچ ۾ غير معمولي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. ان موقعي تي چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ چيو ته سنڌ ۾ رهائش دوران کيس ملندڙ محبت، سهڪار ۽ مهمان نوازي هميشه ياد رهندي. ملاقات جي پڄاڻي تي سيد مراد علي شاهه چيني قونصل جنرل کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا.

مزید خبریں