اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ترقي، سياحت ۽ …
خيبر پختونخوا جي گورنر جي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان ملاقات
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فيصل ممتاز راٺوڙ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ خيبر پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير وچ ۾ رابطا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ترقي، سياحت ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. خيبر پختونخوا جي گورنر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، قومي مسئلن تي گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن، پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، خيبر پختونخوا جي گورنر کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت به ڏني.












