اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) تحت ڪم ڪندڙ ڪيئرڪ انسٽيٽيوٽ جي کوجنا واري اداري جي سربراهه ڊاڪٽر غلام صمد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڊاڪٽر غلام صمد گورنر کي علائقائي رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي خيبر پختونخواهه جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ …
خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اي ڊي بي تحت ڪم ڪندڙ ڪيئرڪ انسٽيٽيوٽ جي کوجنا واري اداري جي سربراهه ڊاڪٽر غلام صمد جي ملاقات
اسلام آباد- 02 جون (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسلام آباد ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) تحت ڪم ڪندڙ ڪيئرڪ انسٽيٽيوٽ جي کوجنا واري اداري جي سربراهه ڊاڪٽر غلام صمد ملاقات ڪئي. گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڊاڪٽر غلام صمد گورنر کي علائقائي رابطي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي خيبر پختونخواهه جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي علائقائي رابطن جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي، چيو ته علائقائي رابطن جو فروغ نه رڳو خيبر پختونخواهه پر سڄي پاڪستان جي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن واپاري رابطن جي استحڪام، زرعي ويليو چينز جي بهتري، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سرڪاري ادارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جي وچ ۾ جامع حڪمت عملي ذريعي، صوبي جي مڪمل معاشي صلاحيت کي استعمال ڪري سگهجي ٿو. خيبر پختونخوا واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جي مرڪز طور اُڀري پاڪستان جي ڊگهي مدي واري اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي تعاون جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مُلاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته علائقائي رابطن جو فروغ صرف انفراسٽرڪچر جي تعمير تائين محدود ناهي پر هي هڪ جامع معاشي ترقي جي حڪمت عملي آهي. ڌرين ان ڳالهه کي ورجايو ڪيو ته پنهنجي جاگرافيائي اهميت مان فائدو کڻندي خيبر پختونخواه پاڪستان کي علائقائي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ، معاشي انضمام کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، ۽ جامع معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.












