ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چلاس ڀرسان فيري ميڊوز ويندڙ سياحن جي گاڏي کي پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سنڌ چيو ته چلاس جي علائقي ۾ سياحن جي گاڏي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي. هن حادثي ۾ قيمتي انساني جانين …
سنڌ جي وڏي وزير پاران چلاس ڀرسان فيري ميڊوز ويندڙ سياحن جي گاڏي کي پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي افسوس جو اظهار
ڪراچي- 01 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چلاس ڀرسان فيري ميڊوز ويندڙ سياحن جي گاڏي کي پيش آيل افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير سنڌ چيو ته چلاس جي علائقي ۾ سياحن جي گاڏي کاهيءَ ۾ ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي. هن حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. مراد علي شاهه حادثي ۾ فوت ٿيل سڀني ماڻهن، جن ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ سياح پڻ شامل آهن، جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. هن فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪندي الله تعاليٰ کان کين صبر عطا ڪرڻ جي دعا گهري. وڏي وزير حادثي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.











