ڪراچي- پهرين جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته سال 2026ع لاءِ والدين جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع "ٽوگيڌر فار پيرينٽس" رکيو ويو آهي، جيڪو والدين جي سهائتا ۽ خانداني نظام جي استحڪام جو اهم پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته والدين جي محبت، قرباني ۽ تربيت هڪ مضبوط ۽ مهذب سماج …
والدين جي محبت، قرباني ۽ تربيت هڪ مضبوط ۽ مهذب سماج جو بنياد آهن: والدين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو پيغام
ڪراچي- پهرين جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته سال 2026ع لاءِ والدين جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع "ٽوگيڌر فار پيرينٽس” رکيو ويو آهي، جيڪو والدين جي سهائتا ۽ خانداني نظام جي استحڪام جو اهم پيغام ڏئي ٿو. هن چيو ته والدين جي محبت، قرباني ۽ تربيت هڪ مضبوط ۽ مهذب سماج جو بنياد آهن، جڏهن ته ٻارن جي بهتر پرورش ۽ روشن مستقبل جي تعمير ۾ والدين جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته ماءُ پيءُ پنهنجي ٻارن جي ڪاميابي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون خوشيون قربان ڪري مسلسل جدوجهد ڪندا آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته خوشحال خاندان ئي ترقي يافته ۽ مستحڪم سماج جي ضمانت هوندا آهن، سنڌ حڪومت ٻارن، والدين ۽ خاندانن جي ڀلائي لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته والدين جو عالمي ڏهاڙو اسان کي ماءُ پيءُ جي عزت، خدمت ۽ ساٿ ڏيڻ جو شعور فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته خاندان، سماج ۽ رياست کي گڏيل ذميواري نڀائيندي والدين جي مدد ۽ سهائتا لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. وڏي وزير نوجوان نسل تي زور ڀريندي چيو ته هو والدين جي احترام، فرمانبرداري ۽ خدمت کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائين. هن چيو ته والدين جون قربانيون نسلن جي تعمير ۽ قومن جي ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون.سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته والدين جي ڀلائي ۽ خانداني نظام جي مضبوطي سنڌ حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهن.












