لاڙڪاڻي ضلعي جي  سمورن پي پي ايڇ آءِ صحت مرڪزن ۾ هيٽ اسٽروڪ ڪارنر قائم

لاڙڪاڻو- پهرين جون (اي پي پي) ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي روشنيءَ ۾ پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو لاڙڪاڻي ضلعي اندر پنهنجي سمورن صحت مرڪزن تي خاص ”هيٽ اسٽروڪ ڪارنر“ قائم ڪري مڪمل طور فعال بڻائي ڇڏيا آهن.تفصيل مطابق لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هن وقت سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن …

لاڙڪاڻو- پهرين جون (اي پي پي) ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي روشنيءَ ۾ پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو لاڙڪاڻي ضلعي اندر پنهنجي سمورن صحت مرڪزن تي خاص ”هيٽ اسٽروڪ ڪارنر“ قائم ڪري مڪمل طور فعال بڻائي ڇڏيا آهن.تفصيل مطابق لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هن وقت سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ڪري طبي مسئلن ۾ واڌ سبب ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي هيٽ اسٽروڪ جي مريضن کي فوري شروعاتي طبي امداد ۽ هنگامي علاج فراهم ڪرڻ لاءِ ترت قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. جڏهن ته هر هيٽ اسٽروڪ ڪارنر تي گرمي کان متاثر مريضن جي وقت سر علاج ۽ سارسنڀال لاءِ  سهولتون يقيني بڻايون ويون آهن، انهن مرڪزن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي علاج لاءِ گهربل سموريون ضروري هنگامي دوائون، مريضن جي فوري طور پاڻي ۽ نمڪيات جي کوٽ پوري ڪرڻ، حالتن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ آءِ وي فلوئڊز فراهم ڪرڻ، فوري زباني ري هائيڊريشن لاءِ او آر ايس جا پيڪٽ به ڏنا پيا وڃن. جڏهن ته مريضن ۽ سندن وارثن لاءِ صاف ۽ ٿڌو پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ، جسم جو گرمي پد گهٽائڻ لاءِ پکا، ٿڌا ڪمرا ۽ ٻيا ضروري انتظام پڻ انهن مرڪزن تي ڪيا ويا آهن تربيت يافته ميڊيڪل آفيسر ۽ پيرا ميڊيڪل عملو هيٽ اسٽروڪ جي سڃاڻپ ۽ شروعاتي طبي امداد جي مقرر طريقيڪار موجب خدمتون سرانجام ڏيندو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻي جي آفيسرن سموري ٽيم جي وقت سر قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته موجوده شديد گرمي جي لهر ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري هيٽ اسٽروڪ جي مريضن کي فوري شروعاتي طبي امداد ۽ هنگامي علاج فراهم ڪرڻ انساني حياتين جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. پي پي ايڇ آءِ جي صحت مرڪزن ۾ قائم ۽ فعال هيٽ اسٽروڪ ڪارنر خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي آبادي کي مقامي سطح تي فوري ۽ مؤثر علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. ھن شهرين کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن آسپاس ڪنهن شخص ۾ هيٽ اسٽروڪ جون علامتون ظاهر ٿين، جهڙوڪ تيز بخار، چڪر اچڻ، الٽي اچڻ جو احساس، ذهني مونجهارو يا بيهوشي ته فوري طور ويجهي  پي پي ايڇ آءِ صحت مرڪز سان رابطو ڪري سندن علاج ڪرائي هيٽ اسٽروڪ ڪارنرن تي وقت سر طبي امداد سان پيچيدگين کان بچائڻ ۽ قيمتي حياتين کي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.

مزید خبریں