تماڪ جو استعمال انساني صحت لاءِ هڪ خاموش قاتل آهي ۽ ان کان بچاءُ وقت جي اهم ضرورت آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-31 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تماڪ جي روڪٿام واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته تماڪ جو استعمال انساني صحت لاءِ هڪ خاموش قاتل آهي ۽ ان کان بچاءُ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي تماڪ واپرائڻ جهڙي هاڃيڪار عادت کان محفوظ رکڻ حڪومت، والدين، استادن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي. …

ڪراچي-31 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تماڪ جي روڪٿام واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي سندس پيغام ۾ چيو آهي ته تماڪ جو استعمال انساني صحت لاءِ هڪ خاموش قاتل آهي ۽ ان کان بچاءُ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي تماڪ واپرائڻ جهڙي هاڃيڪار عادت کان محفوظ رکڻ حڪومت، والدين، استادن ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته صحتمند سماج جي قيام لاءِ تماڪ جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻين کي پڻ ان جي نقصانن بابت آگاهي ڏيڻ گھرجي. هن چيو ته تماڪ جو استعمال رڳو هڪ عادت نه پر ڪيترين ئي موتمار بيمارين جي بنيادي سببن مان هڪ آهي، جيڪي دل، ڦڦڙن ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت تماڪ جي استعمال جي روڪٿام بابت آگاهي مهمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي رهي آهي، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي تماڪ جي هاڃيڪار اثرن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا پيا وڃن. انتظاميا کي ھدايت ڏيندي وڏي وزير چيو ته عوامي هنڌن تي سگريٽ ڇڪڻ خلاف موجود قانونن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت اسان جو بنيادي حق آهي ۽ اسان کي پنهنجي زندگي کي هر قسم جي صحت جي خطرن کان محفوظ بڻائڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو مشن عوام کي صحتمند زندگي ۽ تماڪ کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”صحتمند سنڌ“ جي ويزن تحت راندين، تفريحي سرگرمين ۽ زندگي واري مثبت انداز کي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي صحتمند ۽ تعميري سرگرمين ڏانهن راغب ڪري سگهجي. سندس پيغام جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت صحتمند زندگي کي ھٿي ڏئي رھي آھي ۽ تماڪ جي استعمال خلاف شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي ته جيئن ايندڙ نسلن کي تماڪ کان پاڪ، محفوظ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪري سگهجي.

مزید خبریں