اسلام آباد - 31 مئي (اي پي پي) اسلام آباد ۾ آچر جي صبح سوير بهاره ڪهو جي اٺال چوڪ ويجهو 2 ڪارون هڪ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا چينل مطابق هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو ته حادثي ۾ چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 شديد زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ فضل ۽ عامر شامل …
اسلام آباد ۾ بهاره ڪهو ويجهو ٽريفڪ حادثو، 4 ڄڻا فوت، 2 زخمي
اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) اسلام آباد ۾ آچر جي صبح سوير بهاره ڪهو جي اٺال چوڪ ويجهو 2 ڪارون هڪ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ويون جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. مقامي ميڊيا چينل مطابق هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو ته حادثي ۾ چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 شديد زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ فضل ۽ عامر شامل آهن جڏهن ته 2 فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي.












