راولپنڊِي- 30 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي شروعات کان اڳ آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر ڪيٿرين وائٽ مين، پاڪستان ٽيم جي ڊريسنگ روم جو دورو ڪيو ۽ قومي اسڪواڊ کي عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. پي سي بي مطابق پاڪستان ٽيم جي مينيجر نويد اڪرم چيمه آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ڪيٿرين وائٽ مين، قومي …
آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر جو پاڪستان ٽيم جي ڊريسنگ روم جو دورو، قومي اسڪواڊ کي عيد الاضحيٰ جون مبارڪون
راولپنڊِي- 30 مئي(اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز جي شروعات کان اڳ آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر ڪيٿرين وائٽ مين، پاڪستان ٽيم جي ڊريسنگ روم جو دورو ڪيو ۽ قومي اسڪواڊ کي عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. پي سي بي مطابق پاڪستان ٽيم جي مينيجر نويد اڪرم چيمه آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي ڪيٿرين وائٽ مين، قومي رانديگن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون. دوري جي دوران آسٽريلوي ٽيم جي مينيجر، پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي کي مٺائي به پيش ڪئي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ راند کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.












