ڄامشوري  جي رهواسي  عورت پر اسرار  طور تي گم

حيدرآباد-29  مئي (اي پي پي) ڄامشورو جي سيوهاڻي پاڙي  جي رهواسي 30 ورهين جي عورت مسمات اختيار کونهارو پر اسرار طور تي گم ٿي وئي آهي جيڪا گهڻي ڳولا جي باوجود هٿ نه اچي سگهي آهي. تفصيل موجب گم ٿي ويل عورت جي والده بيبل کونهارو جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌي جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي جيڪا عيد جي ڏينهن گهران نڪتي هئي جيڪا اڃا تائين واپس نه موٽي آهي، هن چيو ته اسان اي …

حيدرآباد-29  مئي (اي پي پي) ڄامشورو جي سيوهاڻي پاڙي  جي رهواسي 30 ورهين جي عورت مسمات اختيار کونهارو پر اسرار طور تي گم ٿي وئي آهي جيڪا گهڻي ڳولا جي باوجود هٿ نه اچي سگهي آهي. تفصيل موجب گم ٿي ويل عورت جي والده بيبل کونهارو جو چوڻ آهي ته منهنجي ڌي جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي جيڪا عيد جي ڏينهن گهران نڪتي هئي جيڪا اڃا تائين واپس نه موٽي آهي، هن چيو ته اسان اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي آهي ۽ پنهنجي طور تي به گهڻي ڳولا ڪئي آهي پر هٿ نه اچي سگهي آهي.  جڏهن ته هن لاڳاپيل اختيارين ۽ پوليس کي نياڻي جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

مزید خبریں