حيدرآباد-29 مئي (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنهنجي سمورن تدريسي شعبن ۽ ڪئمپسز لاءِ پهرين جون کان 31 جولاءِ 2026ع تائين اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. يونيوسٽي جي رجسٽرار آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اونهاري جي موڪلن کان پوءِ يونيورسٽي 3 آگسٽ 2026ع تي ٻيهر کلندي. نوٽيفڪيشن موجب سمورن تدريسي شعبن جي اعلي اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي موڪلن دوران هفتي ۾ ٻه ڏينهن سومر ۽ اڱاري تي صبح 9 وڳي …
سنڌ يونيو رسٽي ڄامشورو اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو
حيدرآباد-29 مئي (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنهنجي سمورن تدريسي شعبن ۽ ڪئمپسز لاءِ پهرين جون کان 31 جولاءِ 2026ع تائين اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. يونيوسٽي جي رجسٽرار آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اونهاري جي موڪلن کان پوءِ يونيورسٽي 3 آگسٽ 2026ع تي ٻيهر کلندي. نوٽيفڪيشن موجب سمورن تدريسي شعبن جي اعلي اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي موڪلن دوران هفتي ۾ ٻه ڏينهن سومر ۽ اڱاري تي صبح 9 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين پنهنجي آفيسن ۾ حاضر رھن. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پرو وائيس چانسلرز، فئڪلٽين جا ڊين، انتظامي آفيسر ۽ ٻيو مددگار عملو جن ۾ پروگرامر، سپرنٽينڊنٽ، ڪلارڪ، ليبارٽري اسسٽنٽ، انٽرنيٽ آپريٽر، ڪمپيوٽر آپريٽر، سيڪيورٽي گارڊ ۽ پٽيوالا شامل آهن، پنهنجون خدمتون معمول موجب جاري رکندا. استادن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي سيمسٽر امتحانن جا نتيجا پهرين جون 2026ع کان اڳ پنهنجي لاڳاپيل ڊائريڪٽرن ۽ چيئرپرسنز وٽ جمع ڪرائن.












