ڪراچي- 27 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ قرباني، ايثار، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته سنت ابراهيمي اسان کي رب پاڪ جي رضا خاطر هر قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿي ۽ قرباني جي اصل فلسفي کي سمجهڻ ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير پاران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون
ڪراچي- 27 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سنڌ جي عوام کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ قرباني، ايثار، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿي. هن چيو ته سنت ابراهيمي اسان کي رب پاڪ جي رضا خاطر هر قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿي ۽ قرباني جي اصل فلسفي کي سمجهڻ ۽ پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ وقت جي اهم گھرج آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته عيد جي خوشين ۾ غريبن، مسڪينن، يتيمن ۽ ضرورتمند ماڻهن کي ضرور شامل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ديني ۽ سماجي ذميواري آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته قرباني جي جانورن جون آلائشون مقرر ڪيل هنڌن تي رکيون وڃن ۽ صفائي سٿرائي واري عملي سان ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي. هن چيو ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ قرباني کانپوءِ ماحول کي صاف رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت پاران آلائشن جي وقت سر منتقلي ۽ صفائي لاءِ اثرائتا انتظام ڪيا ويا آهن، انتظاميا کي هدايت ڏيندي ھن چيو ته عيد جي ٽنهي ڏھاڙن دوران صفائي، نيڪال ۽ شهري خدمتن جي لاڳيتي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.












