ڪراچي- 26 مئي (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رهڙڪي درٻار پهتو، جتي هن گادي نشين سائين ساڌ رام جي ديهانت تي سندس وارثن ۽ هندو برادري سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسيراڻي، ايم پي اي امداد علي پتافي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل …
سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رهڙڪي درٻار پهچي سائين ساڌ رام جي ديهانت تي سندس وارثن ۽ هندو برادري سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو
ڪراچي- 26 مئي (اي پي پي) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رهڙڪي درٻار پهتو، جتي هن گادي نشين سائين ساڌ رام جي ديهانت تي سندس وارثن ۽ هندو برادري سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسيراڻي، ايم پي اي امداد علي پتافي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر گڏ هئا. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سائين ساڌ رام هڪ پيارو ماڻهو هو، ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. هو هميشه مسڪرائيندڙ ۽ سڀني جو خيال رکندڙ هو. سندس وڇوڙي سان خال پيدا ٿيو آهي، اميد ته سندس پوئلڳ به سائين ساڌ رام جي امن ۽ محبت واري پيغام تي عمل ڪندا رهندا، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته رائونتي ڪچي ۾ وڏو مسئلو هو، سنڌ حڪومت ڪم ڪيو آهي پهرين واري صورتحال کان ڪافي بهتري آئي آهي، ڪچي ۾ آپريشن جاري رهندو ۽ ترقياتي ڪم به ڪرائينداسون ته جيئن اتان جي رهواسين کي سهولتون ملي سگهن.












