ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ريبيز جي روڪٿام واري مهم جي شروعات ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت آگاهي، بهتر علاج، ويڪسين جي فراهمي ۽ رولو ڪُتن جي آبادي تي مؤثر ڪنٽرول جي ذريعي ريبيز جي خاتمي لاءِ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪندي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ريبيز جي روڪٿام واري مهم بابت اجلاس جي …
سنڌ حڪومت آگاهي، بهتر علاج، ويڪسين جي فراهمي ۽ رولو ڪُتن جي آبادي تي مؤثر ڪنٽرول جي ذريعي ريبيز جي خاتمي لاءِ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪندي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ريبيز جي روڪٿام واري مهم جي شروعات ڪندي اعلان ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت آگاهي، بهتر علاج، ويڪسين جي فراهمي ۽ رولو ڪُتن جي آبادي تي مؤثر ڪنٽرول جي ذريعي ريبيز جي خاتمي لاءِ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪندي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ريبيز جي روڪٿام واري مهم بابت اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته ريبيز هڪ سنگين پر تدارڪ جوڳو عوامي صحت جو مسئلو آهي ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان وقت سر علاج، عوامي آگاهي ۽ اثرائتا حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائين. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سال 2025ع جي دوران سنڌ ۾ ڪُتي جي چڪ هڻڻ جا 2 لک 85 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته وڏين اسپتالن ۾ ريبيز سبب 22 کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جنوري کان اپريل 2026ع تائين 85 هزار 891 سگ گزيدگي (ڪتي جي چڪ هڻڻ) جا واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. مهم جي شروعات ڪندي مراد علي شاهه چيو ته حڪومت انساني جانين جي تحفظ لاءِ علاج ۽ احتياتي نظام ٻنهي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته ريبيز مڪمل طور تي تدارڪ جوڳي بيماري آهي ۽ ڪنهن به شهري جي جان آگاهي، ويڪسين يا وقت سر علاج جي کوٽ جي ڪري نه وڃڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي طبي مرڪزن ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين ۽ ايميونو فلوبيولن جي مسلسل دستيابي يقيني بڻائي ويندي. سندس چوڻ هو ته اسان ريبيز جي اثرائتي تدارڪ لاءِ صحت، بلدياتي ادارن، ريسڪيو سروسز، ميڊيا ۽ سماجي تنظيمن تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير مرحومه ڊاڪٽر نسيم صلاح الدين کي خراج عقيدت پيش ڪندي کين پاڪستان ۾ ريبيز جي روڪٿام جي علمبردار قرار ڏنو ۽ چيو ته ”ريبزي فري پاڪستان“ لاءِ سندن زندگي جي جدوجهد مستقبل جي صحت منصوبن لاءِ مشعل راهه رهندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ شروع ڪيل سنڌ ريبيز ڪنٽرول پروگرام تحت 20 ضلعن ۾ رولو ڪُتن جي نس بندي ۽ ويڪسينيشن مهم جاري آهي. هاڻي تائين 25 هزار 500 کان وڌيڪ ڪُتن جي نس بندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي، مٽياري، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين ضلعن ۾ قائم ريبيز ڪنٽرول پروگرام سينٽرز ذريعي 36 هزار 900 کان وڌيڪ ڪُتن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي. صحت واري صوبائي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ٻڌايو ته حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ڄامشورو، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ وڌيڪ 11 مرڪز جلد فعال ٿي ويندا. وڏي وزير بلدياتي ادارن کي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ رولو ڪُتن جي آبادي تي ڪنٽرول جا پروگرام تيز ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته رولو ڪُتن جي مسئلي جي حل لاءِ عارضي قدمن بجاءِ انساني، سائنسي ۽ پائيدار حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪُتي جي چڪ هڻڻ متاثرن جي شروعاتي علاج لاءِ صحت جي عالمي اداري جي معيار مطابق 278 ريبيز جي روڪٿام وارا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شديد متاثر ڪيسن جي علاج لاءِ 112 ريفرل سينٽرز فعال ڪيا ويا آهن، جتي 24 ڪلاڪ اينٽي ريبيز ويڪسين ۽ ريبيز ايميونو فلوبيولن دستياب آهي. صحت واري وزير، وڏي وزير کي ٻڌايو ته جاري پروگرام دوران 63 هزار کان وڌيڪ مريضن کي اينٽي ريبيز ويڪسين، جڏهن ته 8 هزار 700 کان وڌيڪ مريضن کي اي آر آءِ جي علاج فراهم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڏني ته سمورن ريفرل سينٽرز کي مڪمل طور تي فعال ۽ گهربل عملي کي مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته دوائن، عملي يا سهولتن جي کوٽ جي ڪري ڪنهن به مريض کي علاج کان محروم نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صحت جي عالمي اداري جي منظور ٿيل اڳواڻ اصولن تحت انڊس اسپتال هيلٿ نيٽ ورڪ جي تعاون سان ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ريسڪيو 1122 اهلڪارن جي تربيت جاري آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٽي وي، پرنٽ، سوشل ميڊيا، اسڪولن ۽ ڪميونٽي پروگرامز جي ذريعي 7 ڏينهن واري صوبائي آگاهي مهم به شروع ڪئي وئي ته جيئن عوام کي ڪتي جي چڪ کانپوءِ احتياتي، ابتدائي طبي امداد ۽ بروقت علاج بابت آگاهه ڪري سگهجي. وڏي وزير سنڌ اي آر وي پيشنٽ ٽريڪنگ سسٽم جي تياري کي ساراهيندي چيو ته ان ڊجيٽل نظام جي ذريعي سجي سنڌ ۾ ان قسم جي واقعن، ويڪسينيشن ۽ فالواپ خوراڪن جي ريئل ٽائيم ۾ نگراني ڪري سگهبي. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه صحت کاتي کي هدايت ڏني ته حتمي منظوري کان فوراً پوءِ ڊيجيٽل مانيٽرنگ سسٽم فعال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آصف جميل، سيڪريٽري اطلاعات نديم ميمڻ، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالباري، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر وقار ميمڻ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي پي ايڇ آئي جاويد جاگيراڻي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا.












