ريڪروٽمنٽ فرسٽ سليڪشن شيڊول 2026ع تحت سپاهي جي ڀرتي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آھي: آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمنٽ سينٽر پنو عاقل جي پڌرائي

سکر-25 مئي (اي پي پي) آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمنٽ سينٽر پنو عاقل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ريڪروٽمنٽ فرسٽ سليڪشن شيڊول 2026ع تحت سپاهي جي ڀرتي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آھي. پڌرائي موجب نوشهروفيروز، گهوٽڪي، سکر، خيرپور جي نوجوانن لاءِ پاڪستان آرمي ۾ بطور سپاهي جي ڀرتي لاءِ ڀرتي دفتر پنوعاقل ۾ رجسٽريشن 22 مئي کان وڌائي ڪري 13 جون تائين ڪئي وئي آهي، سمورا خواهشمند نوجوان پنهنجي …

سکر-25 مئي (اي پي پي) آرمي سليڪشن اينڊ ريڪروٽمنٽ سينٽر پنو عاقل طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ريڪروٽمنٽ فرسٽ سليڪشن شيڊول 2026ع تحت سپاهي جي ڀرتي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آھي. پڌرائي موجب نوشهروفيروز، گهوٽڪي، سکر، خيرپور جي نوجوانن لاءِ پاڪستان آرمي ۾ بطور سپاهي جي ڀرتي لاءِ ڀرتي دفتر پنوعاقل ۾ رجسٽريشن 22 مئي کان وڌائي ڪري 13 جون تائين ڪئي وئي آهي، سمورا خواهشمند نوجوان پنهنجي رجسٽريشن 13 جون تائين ڪرائي سگهن ٿا، جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ، مڊل پاس سرٽيفڪيٽ، عمر جي حد 17 کان 23 سالن تائين جسماني طور قد 5 فٽ 5 انچ هجي، اهي پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا ۽ جن اميدوارن 26 A ۾ پهريان رجسٽريشن ڪرائي آهي هو ٻيهر نه ڪرائيندا.

مزید خبریں