سنڌ حڪومت صوبي ۾ پائيدار ماهيگيري جي انتظام ۽ مڇين جي نسل جي افزائش لاءِ جديد ترين قدم کڻي رهي آهي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي)چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پائيدار ماهيگيري جي انتظام ۽ مڇين جي نسل جي افزائش لاءِ جديد ترين قدم کڻي رهي آهي.اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ مڇي جي مروج فارمنگ جي طريقن، غير قانوني مڇي مارڻ جي روڪٿام ۽ حاصل ٿيندڙ آمدني …

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي)چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پائيدار ماهيگيري جي انتظام ۽ مڇين جي نسل جي افزائش لاءِ جديد ترين قدم کڻي رهي آهي.اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ مڇي جي مروج فارمنگ جي طريقن، غير قانوني مڇي مارڻ جي روڪٿام ۽ حاصل ٿيندڙ آمدني جي حوالي سان تفصيلي جواب جمع ڪرايا آهن. محمد علي ملڪاڻي ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي فش هاربر تي وڏي پيماني تي مختلف سائيز جون ڪاٺ جون ٻيڙيون ۽ لانچون تيار ڪيون ويون اهن ۽ ڪيترين جي مرمت ڪئي آهي، جتي بوٽ بلڊنگ يارڊ ۾ گذريل سال اين ايڇ اي جون 20 ڪاٺ جون ٻيڙيون لٿيون جڏهن ته 45 ٻيڙيون تيار ٿي مرمت لاءِ آيون. صوبائي وزير واضح ڪيو ته ماهيگيري کاتو غير قانوني، غير رپورٽ ٿيل ۽ غير منظم مڇي مارڻ جي طريقن خلاف سخت ڪارروائي ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ موسم جي بندش (بين پيريڊ)، غير قانوني ڄار ۽ گيئرن جي استعمال تي پابندي، باٽم ٽرالنگ تي مڪمل روڪٿام ۽ ڪمزور نسلن جي مڇي مارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پائيدار ماهيگيري لاءِ وسل مانيٽرنگ نظام ۽ ٽرٽل ايڪسڪلوڊر ڊوائيس جهڙا جديد نظام لاڳو ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته مڇي جي فارمنگ کي جديد گهرجن وارو بڻائڻ لاءِ نيون ٽيڪنالاجيون متعارف ڪرايون ويون آهن، جن ۾ گھٽ پاڻي جي استعمال سان مڇي جي گھڻي فارمنگ کي هٿي ڏيڻ لاءِ "بايو فلاڪ ايڪوا ڪلچر ٽيڪنالاجي” تي عمل، ڪيج ڪلچر ۽ پين ڪلچر کي هٿي ڏيڻ، ۽ مونو- جنسي تلاپيا جي ٻج جي پيداوار شامل آهي. ان کان علاوه عالمي بينڪ جي فنڊ ٿيل منصوبي ‘ايس ايل آئي ڊي پي تحت لائيو اسٽاڪ ۽ مڇي جي فارمنگ جي ترقي لاءِ سامونڊي باسي، جهينگا ۽ ٻيون جديد سرگرميون پڻ متعارف ڪرايون ويون آهن. محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خانگي شعبي ۽ اين جي اوز پڻ لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي شعبي جي ترقي لاءِ مصروف عمل آهن، جن مان گهڻيون آزادي سان ڪم ڪري رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن انڪشاف ڪيو ته پهرين جنوري 2022ع کان 25 جنوري 2024ءع جي عرصي دوران ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ جي لائسنس فيس جي مد ۾ مجموعي طور تي 47 ڪروڙ 57 لک 9 هزار 29 روپين جي وڏي رقم گڏ ڪئي وئي آهي. غير قانوني ماهيگيري کي روڪڻ جي حوالي سان هن ٻڌايو ته ماهيگيري کاتي جو ميرين ونگ مڇين جي نسل کي وڌائڻ ۽ تحفظ لاءِ سنڌ فشريز آرڊيننس 1980 (ترميم ٿيل ايڪٽ 2011) تحت هر سال پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين مڇي مارڻ تي پابندي (ڪلوز سيزن) تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائي ٿو. ان دوران ميرين ونگ پاران باقاعده سروي ۽ مانيٽرنگ ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ لائسنس ۽ منع ٿيل ڄارن جي جانچ پڙتال شامل آهي. صوبائي وزير اهو پڻ ٻڌايو ته حڪومت جي پبلڪ فش هيچريز ۾ وڏين ۽ ننڍين ڪارپ مڇين، تلاپيا، بليو مڇي، اسنيڪ هيڊ ۽ آرائشي مڇين جي افزائشِ نسل تي باقاعده تربيتي ۽ تحقيقي پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن ته جيئن صوبي ۾ مڇي جي پيداوار ۾ خاطر خواه اضافو ٿي سگهي.

مزید خبریں