سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي وزيراعليٰ هائوس جي ڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي خدمت ۽ فوري داد رسي جو سلسلو جاري

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي وزير اعليٰ هائوس جي ڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي خدمت ۽ فوري داد رسي جو سلسلو جاري آهي، جتي صوبائي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه عوامي شڪايتون ٻڌڻ لاءِ سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل پهتو ۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب صوبائي وزير ٽول فري نمبر ذريعي شهرين جا …

ڪراچي-25 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي وزير اعليٰ هائوس جي ڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي خدمت ۽ فوري داد رسي جو سلسلو جاري آهي، جتي صوبائي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات وارو وزير سيد ذوالفقار علي شاهه عوامي شڪايتون ٻڌڻ لاءِ سي ايم هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل پهتو ۔ وڏي وزير جي ترجمان موجب صوبائي وزير ٽول فري نمبر ذريعي شهرين جا مسئلا، شڪايتون ۽ تجويزون ذاتي طور تي ٻڌيون۔ شهرين ثقافتي مرڪزن، سياحتي ماڳن، بلديات، واٽر اينڊ سيوريج، تعليم، صحت، بجلي، گئس ۽ روينيو سان لاڳاپيل مسئلا پيش ڪيا۔ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه لاڳاپيل ادارن کي عوامي شڪايتن تي فوري ڪارروائي، مسلسل مانيٽرنگ ۽ جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔ هن چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ شفافيت، تيزي ۽ مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو۔ هن وڌيڪ چيو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ سياحتي سهولتن جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي، جڏهن ته بلدياتي ادارن، واٽر اينڊ سيوريج، روينيو کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي به عوامي شڪايتن جي ترت ازالي لاءِ سرگرم رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ترجمان موجب وڏي وزير سنڌ جي هدايتن تي ڪابينا جا ميمبر روزانو سي ايم هائوس ڪمپلينٽ سيل ۾ شهرين جا مسئلا ٻڌي انهن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن۔ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه شهرين کي سندن مسئلن جي فوري حل ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي۔ترجمان جو چوڻ هو ته وڏي وزير سنڌ پبلڪ ڪمپلينٽ سيل عوامي شڪايتن جي بروقت حل لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ عوام پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽول فري نمبر 080091915 سميت 02199202047، 02199207349 ۽ 02199207568 تي رابطو ڪري سگهن ٿا۔

مزید خبریں