پشاور -25 مئي (اي پي پي) سوات ايڪسپريس وي تي مسافر وين ۽ بس ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس موقعي تي پهتي ۽ سمورن لاشن ۽ زخمين کي مردان ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو. شروعاتي ڄاڻ موجب حادثو وين ڊرائيور جي ڪوتاهي سبب پيش …
سوات ايڪسپريس وي تي ڪراچي کان بونير ويندڙ بس جو وين سان ٽڪر، 11 ڄڻا فوت، 7 زخمي
پشاور -25 مئي (اي پي پي) سوات ايڪسپريس وي تي مسافر وين ۽ بس ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب حادثي جو اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس موقعي تي پهتي ۽ سمورن لاشن ۽ زخمين کي مردان ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيو. شروعاتي ڄاڻ موجب حادثو وين ڊرائيور جي ڪوتاهي سبب پيش آيو، جنهن روڊ ڪناري بيٺل بس کي ٽڪر هنيو، بس ڪراچي کان بونير وڃي رهي هئي جڏهن ته مسافر وين راولپنڊي کان دير وڃي رهي هئي. حادثي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.












