ڪراچي- 24 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي اهم ترقياتي رٿائن جي سندس پاران لڳاتار پنجين آچر واري دوري دوران ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور، تعمير ھيٺ عظيم پورا فلائي اوور ۽ تازو افتتاح ڪيل شاهراهه ڀٽو جو معائنو ڪيو. شاهراهه ڀٽو جي دوري کانپوءِ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت پاران شھرين لاءِ 15 جون تي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران شهر جي اهم ترقياتي رٿائن جو دورو، ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور، تعمير ھيٺ عظيم پوره فلائي اوور ۽ شاهراهه ڀٽو جو معائنو
ڪراچي- 24 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهر جي اهم ترقياتي رٿائن جي سندس پاران لڳاتار پنجين آچر واري دوري دوران ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور، تعمير ھيٺ عظيم پورا فلائي اوور ۽ تازو افتتاح ڪيل شاهراهه ڀٽو جو معائنو ڪيو. شاهراهه ڀٽو جي دوري کانپوءِ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت پاران شھرين لاءِ 15 جون تي عظيم پورا فلائي اوور جو افتتاح ڪيو ويندو. هن ريڊ لائين رٿا تي نمايان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي عظيم پورا فلائي اوور کي 15 جون تائين ٽريفڪ لاءِ کولڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو تي عوامي تحفظ ۽ ٽريفڪ جي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ 24 ڪلاڪ پوليس پيٽرولنگ، موٽر سائيڪلن جي داخلا تي پابندي ۽ اي چالان سسٽم کي فوري طور فعال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. سينئر وزير شرجيل ميمڻ ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ وڏي وزير سان گڏ هئا. مختلف هنڌن تي ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمانڊر ايف ڊبليو او ڪراچي بريگيڊيئر عدنان، سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا، سي اي او واٽر بورڊ احمد صديقي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ۽ انجنيئر موجود هئا. عظيم پوره فلائي اوور واري هنڌ تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب رٿا بابت جاري ڪم ۽ مجموعي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير ميئر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته فلائي اوور کي 100 ڏينهن اندر مڪمل ڪري 15 جون تائين ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي. دوري دوران ميئر ڪراچي تعمير ھيٺ فلائي اوور تي وڏي وزير کي گاڏي ۾ ويهاري آن سائيٽ معائنو ڪرايو. وڏي وزير چيو ته اسان 15 جون تي عظيم پورا فلائي اوور جو افتتاح ڪنداسين ۽ ان کي عوام لاءِ کوليو ويندو. هن پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته تعميراتي معيار برقرار رکندي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ شهرين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف پهچي. عظيم پورا فلائي اوور سان ٽريفڪ جي دٻاءَ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ عظيم پورا کان ملير هالٽ۔ڪورنگي روڊ ڪوريڊور تائين رابطي ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته شاهراهه فيصل ۽ ڀرپاسي وارن رستن تي به ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. وڏي وزير شاهراهه ڀٽو جو پڻ دورو ڪيو ۽ نئين افتتاح ٿيل شاهراهه تي سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن جو جائزو ورتو. هن شاهه فيصل ٽول پلازا تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان جي سربراهي ۾ سينئر پوليس آفيسرن سان اجلاس ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽي قدمن ۽ جاري آپريشنز بابت بريفنگ ڏني وئي. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو تي 24 ڪلاڪ موثر پوليس پيٽرولنگ يقيني بڻائي وڃي، هر انٽرچينج تي پوليس چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وڃي ۽ موٽر سائيڪلن جي داخلا تي پابندي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن فوري طور اي چالان سسٽم فعال ڪرڻ، 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار جي حد ۽ سيٽ بيلٽ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته ون وي جي خلاف ورزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان پھرين وڏي وزير ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا جو لڳاتار پنجين آچر تي به دورو ڪيو ۽ مڪسڊ ٽريفڪ ڪوريڊور ۽ نيڪاليءَ واري نظام جي ڪم تي ٿيندڙ نمايان اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي مسلسل نگراني سبب زميني سطح تي واضح نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. وڏي وزير معائنو دائود يونيورسٽي گلوب رائونڊ ابائوٽ کان شروع ڪيو ۽ صفوران چورنگي تائين سفر ڪندي ھلندڙ تعميراتي سرگرمين، ٽريفڪ مئنيجمينٽ، يوٽيلٽي منتقلي ۽ مختلف حصن ۾ جاري ڊرينيج انفراسٽرڪچر جو جائزو ورتو. دوري دوران ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا وڏي وزير کي نمائش کان موسميات تائين ڪي بي آر ٽي ريڊ لائين رٿا جي لاٽ-2 تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته مڪسڊ ٽريفڪ لينز، ڊيلينيٽر والز، ڊرينيج سسٽمز ۽ يوٽيلٽي منتقلي تي هڪ ئي وقت ڪم جاري آهي. هينئر تائين 1,950 ميٽر مڪسڊ ٽريفڪ لين اسفالٽ بائنڊر، 2,320 ميٽر سب گريڊ ۽ ايگريگيٽ بيس، 1,024 ميٽر 600 ملي ميٽر پائپ ڊرين ۽ ڊيلينيٽر ۽ باڪس ڊرين جا اهم ڪم مڪمل ڪيا ويا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نمائش کان جيل چورنگي، جيل چورنگي کان حسن اسڪوائر، حسن اسڪوائر کان نيپا ۽ اڳتي موسميات تائين مختلف حصن ۾ تعميراتي سرگرميون جاري آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه هنڌن تي يوٽيلٽي مسئلن ۽ ڪي فور توسيعي رٿا سبب چئلينجز درپيش آهن. سي اي او ٽرانس ڪراچي زبير چنا ٻڌايو ته مجموعي طور پائپ ڊرين جي ڪم ۾ 21 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته يوٽيلٽي منتقلي ۽ بيڪ فلنگ جو ڪم پڻ مختلف هنڌن تي جاري آهي، خاص طور جتي ايس ايس جي سي، ڪي ڊبليو ايس سي ۽ سيوريج لائينون ڪوريڊور مان گذرن ٿيون. حسن اسڪوائر کان نيپا سيڪشن بابت وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور توسيعي رٿا سبب ڪجهه سرگرميون عارضي طور متاثر ٿيون، جڏهن ته جتي رسائي ممڪن هئي اتي ڊيلينيٽر والز ۽ ڊرينيج جو ڪم جاري رکيو ويو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سروس روڊن تي ڪم تياري جي مرحلن ۾ آهي ۽ ڊرينيج ۽ يوٽيلٽي منتقلي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مرحليوار شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا ڪراچي لاءِ سڀ کان اهم شهري ٽرانسپورٽ رٿائن مان هڪ آهي. هن سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ ٺيڪيدارن کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار برقرار رکي وڃي ۽ رٿا کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان هر آچر تي هن رٿا جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهيون، ڇو ته اسان ڪراچي جي شهرين کي جديد، موثر ۽ ماحول دوست ٽرانسپورٽ نظام فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته جتي ضرورت هجي اتي افرادي قوت ۽ مشينري ۾ اضافو ڪيو وڃي، جڏهن ته سڀئي يوٽيلٽي ادارا ٽرانس ڪراچي ۽ ايف ڊبليو او سان مڪمل رابطي ۾ رهن ته جيئن منتقلي جو ڪم بنا دير مڪمل ٿي سگهي. هن تعميراتي سرگرمين دوران بهتر ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ عوامي سهولت جي ضرورت تي پڻ زور ڀريندي هدايت ڪئي ته ھلندڙ ترقياتي رٿائن دوران شهرين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي ۽ سڀني فعال هنڌن تي حفاظتي اپاءَ يقيني بڻايا وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران ٿيندڙ واضح اڳڀرائي حڪومت جي سنجيدگي ۽ رٿا کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي. بريفنگ موجب ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا جو لاٽ-2 نمائش چورنگي کان موسميات تائين 12.85 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 16 اسٽيشن شامل آهن، جڏهن ته لاٽ-1 موسميات کان ملير هالٽ تائين 10 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنهن ۾ 6 اسٽيشن ۽ 2 ڊپو شامل آهن. ايف ڊبليو او جي بريگيڊيئر عدنان پڻ وڏي وزير کي تعميراتي حڪمت عملي، مشينري جي مقرري ۽ مختلف سيڪشنن ۾ ڪم تيز ڪرڻ جي هدفن بابت بريفنگ ڏني.












