شازيه مري پاران ڪوئٽا ريلوي ڦاٽڪ ڌماڪي جي مذمت

حيدرآباد- 24 مئي(اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري، ڪوئيٽا ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ٿيل دهشتگرد بم ڌماڪي جي  شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت دشمني آهي ۽ اهو عمل دهشتگردن جي ظلم جي عڪاسي ڪري ٿو. شازيه …

حيدرآباد- 24 مئي(اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري، ڪوئيٽا ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي ٿيل دهشتگرد بم ڌماڪي جي  شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. آچر ڏينهن جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت دشمني آهي ۽ اهو عمل دهشتگردن جي ظلم جي عڪاسي ڪري ٿو. شازيه مري چيو ته دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا جڏهن ته رياست ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ امن دشمن عنصر پنهنجي ناڪام ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جڏهن ته پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي ۽ اهڙا بزدلاڻا حملا عوام جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن. شهيدن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي. هن، زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريندي شهيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. 

مزید خبریں