پاڪستان ۽ چين هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي : شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-22 مئي( اي پي پي)سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پاڪ چين دوستي کي 75 سال مڪمل ٿي چُڪا آھن، پاڪستان ۽ چين جي  دوستي کي سمنڊ کان اونهو، ھماليا کان اوچو ۽ ماکيءَ کان مٺو قرار ڏنو ويندو آھي. ٻئي ملڪ سدائين ھر مشڪل ۾ ھڪٻئي سان گڏ بيٺل رھيا آھن، چين اسان جو برادر ۽ پاڙيسري ملڪ آھي ۽ ھر …

ڪراچي-22 مئي( اي پي پي)سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پاڪ چين دوستي کي 75 سال مڪمل ٿي چُڪا آھن، پاڪستان ۽ چين جي  دوستي کي سمنڊ کان اونهو، ھماليا کان اوچو ۽ ماکيءَ کان مٺو قرار ڏنو ويندو آھي. ٻئي ملڪ سدائين ھر مشڪل ۾ ھڪٻئي سان گڏ بيٺل رھيا آھن، چين اسان جو برادر ۽ پاڙيسري ملڪ آھي ۽ ھر آزمائش ۾ چين پاڪستان سان جڏھن تھ پاڪستان چين سان گڏ بيٺل رھيو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ پنھنجي خطاب ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ھُجي يا وري شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو زمانو ھُجي يا صدر آصف علي زرداري جو دور، پاڪ چين دوستي سدائين مضبوط کان مضبوط ٿيندي رھي آھي. قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پاڪ چين لاڳاپاپن جي جاگرافيائي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو. ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداري جڏھن پھريون ڀيرو صدر چونڊيو هو ته ھُن سڀني کان وڌيڪ دورا چين جا ڪيا ھُئا، جڏھن تھ ھلندڙ دور ۾ بھ صدر آصف علي زرداري ٽي ڀيرا چين جا دورا ڪري چُڪو آھي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بھ سدائين پاڪ چين دوستي کي ھٿي ڏيڻ تي زور ڀريو آھي. ھن چيو تھ پاڪ چين دوستي نھ رڳو ھن خطي پر پوري دُنيا جي لاءِ اھميت جوڳي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ سي پيڪ جو بنياد بھ صدر آصف علي زرداري رکيو، پاڪستان جي سدائين اھا ڪوشش رھي آھي تھ سمورن پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا قائم رھن. صدر آصف علي زرداري اھم قدم تحت چيني ٻولي کي بنيادي تعليم ۾ شامل ڪرايو، اهو عمل  اسان جي واپاري مفادن جي لاءِ انتھائي اھم آھي تھ جيئن ٻنھي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطي ۾ آساني پيدا ٿي سگھي.

مزید خبریں