حيدرآباد-22 مئي(اي پي پي) پاڪ- چين دوستي کي ڪاميابي سان 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي انتظامي بلاڪ سامھون پاڪستان ۽ چين جا جھنڊا ڦڙڪائي ماکي کان مٺي ۽ ھماليا کان اوچي دوستي جو جشن ملهايو ۽ شاگردن ،استادن، آفسيرن ۽ ملازمن کي مبارڪون ڏنيون. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر …
پاڪ- چين دوستي کي ڪاميابي سان 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي
حيدرآباد-22 مئي(اي پي پي) پاڪ- چين دوستي کي ڪاميابي سان 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي انتظامي بلاڪ سامھون پاڪستان ۽ چين جا جھنڊا ڦڙڪائي ماکي کان مٺي ۽ ھماليا کان اوچي دوستي جو جشن ملهايو ۽ شاگردن ،استادن، آفسيرن ۽ ملازمن کي مبارڪون ڏنيون. مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي چيو ته پاڪ- چين دوستي ھن خطي ۾ ٻڌي، ايڪي، ڀائپي ۽ امن جو بھترين مثال آھي. ٻنھي ملڪن گڏجي ھن خطي جي ترقي ۽ امن لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو آھي. تقريب ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادو، فئڪلٽي ڊينز، آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي.












