لاڙڪاڻو ضلعي ۾ اشتهاري جوابدرن خلاف ڪارروايون جاري

لاڙڪاڻو-22 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ضلعي ۾ اشتهاري جوابدرن خلاف ڪارروايون جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري  طرفان جاري ڪيل هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري رکندي باقراڻي ٿاڻي  جي حد راوت ابڙو لاڙو واري علائقي مان قتل جي ڪيس ۾ ملوث ٻن روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ خادم ابڙو ۽ حيدر ابڙو طور ٿي آهي، گرفتار ٿيل جوابدار  2014ع  کان  اقبال خاتون ابڙو قتل ڪيس ۾ روپوش ۽ اشتھاري هئا. ڪامياب …

لاڙڪاڻو-22 مئي (اي پي پي) لاڙڪاڻو ضلعي ۾ اشتهاري جوابدرن خلاف ڪارروايون جاري آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري  طرفان جاري ڪيل هدايتن تي لاڙڪاڻو پوليس روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن خلاف ڪارروائيون جاري رکندي باقراڻي ٿاڻي  جي حد راوت ابڙو لاڙو واري علائقي مان قتل جي ڪيس ۾ ملوث ٻن روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ خادم ابڙو ۽ حيدر ابڙو طور ٿي آهي، گرفتار ٿيل جوابدار  2014ع  کان  اقبال خاتون ابڙو قتل ڪيس ۾ روپوش ۽ اشتھاري هئا. ڪامياب ڪارروائي تي  ايس ايس پي لاڙڪاڻو  احمد چوڌري  طرفان لاڳاپيل پوليس ٽيم لاءِ شاباش جا پيغام جاري ڪيا آهن.

مزید خبریں