پي سي بي پاران آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان

لاهور-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي. قومي اسڪواڊ ۾ احمد دانيال، عرفات منهاس ۽ روحيل نذير کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته بابر اعظم، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاداب خان ۽ سفيان مقيم جي …

لاهور-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آسٽريليا خلاف 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز جي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي. قومي اسڪواڊ ۾ احمد دانيال، عرفات منهاس ۽ روحيل نذير کي شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته بابر اعظم، حارث رئوف، نسيم شاهه، شاداب خان ۽ سفيان مقيم جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، محمد غازي غوري ۽ روحيل نذير کي وڪيٽ ڪيپر بيٽرز طور اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. پي سي بي مطابق عثمان خان بيماري سبب آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز لاءِ غور هيٺ نه آيو جڏهن ته فخر زمان ۽ صائم ايوب انجري سبب لڳاتار ري هيبليٽيشن پروگرام جاري رکندا. 16 رڪني اسڪواڊ ۾ شاهين شاهه آفريدي (ڪپتان)، سلمان علي آغا (نائب ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عرفات منهاس، بابر اعظم، حارث رئوف، معاذ صداقت ، محمد غازي غوري، نسيم شاهه، روحيل نذير، صاحبزاده فرحان، شاداب خان، شامل حسين ۽ سفيان مقيم شامل آهن.

مزید خبریں