پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز لاءِ ٽڪيٽون وڪري لاءِ دستياب

لاهور-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جون ٽڪيٽون وڪري لاءِ دستياب ٿي ويون. شوقين آن لائن ٽڪيٽون خريد ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ۽ ٽئين ميچ 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ٽڪيٽون لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام …

لاهور-22 مئي (اي پي پي)پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جون ٽڪيٽون وڪري لاءِ دستياب ٿي ويون. شوقين آن لائن ٽڪيٽون خريد ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ۽ ٽئين ميچ 2 ۽ 4 جون تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي. ٽڪيٽون لاهور، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي 16 ٽي سي ايس ايڪسپريس سينٽرز تي به دستياب هونديون. لاهور ۾ 8، راولپنڊي ۾ 5 ۽ اسلام آباد ۾ 3 سينٽرز تي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ڪيو ويو آهي. شوقينن جي وڏي انگ جي شرڪت کي نظر ۾ رکندي ٽڪيٽن جي قيمت 200 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں