وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو

ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ، زراعت، ٽيڪنيڪل تعليم، ڪاروباري سهولتن ۽ سماجي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔ڪابينا سکر ۾ ٻن وڏن ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني، جن …

ڪراچي-21 مئي (اي پي پي) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ، زراعت، ٽيڪنيڪل تعليم، ڪاروباري سهولتن ۽ سماجي ڀلائي بابت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔ڪابينا سکر ۾ ٻن وڏن ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني، جن جي مجموعي لاڳت 33 ڪروڙ 88 لک رپين کان وڌيڪ آهي۔ ان ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ويلنيس اينڊ ريڪريئيشنل پارڪ جي اپگريڊيشن ۽ مير معصوم شاهه لائبريري ۾ عورتن لاءِ الڳ بلاڪ جو قيام شامل آهي۔ان کانسواءِ جيلن ۾ قيدين جي خوراڪ لاءِ هلندڙ مالي سال دوران 91 ڪروڙ 61 لک رپين کان وڌيڪ اضافي فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي۔ڪابينا جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ آپريشن اينڊ مئنيجمينٽ ايڪٽ 2025” جي منظوري ڏني، جنهن تحت ٻنهي ادارن جي انتظامي معاملن کي باضابطه طور سنڌ حڪومت جي دائري ۾ آندو ويندو. بل ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرري ۽ ڪارڪردگي بابت واضح ضابطا به شامل آهن۔صوبائي ڪابينا زندگي بچائيندڙ دوائن جي فراهمي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ لاءِ موجوده اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ سسٽم کي مالي سال 2026-27 تائين جاري رکڻ جي منظوري ڏني۔ڪابينا “سنڌ پوسٽ گريجوئيٽ ريزيڊنسي پاليسي 2026” لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن تحت سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ مرڪزي ۽ شفاف ٽيسٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو۔ پاليسي تحت 3 هزار 794 ٽريننگ سيٽن لاءِ 4 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فنڊ رکيا ويا آهن۔“سنڌ سيف بلڊ ٽرانسفيوزن ترميمي ايڪٽ 2026” جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن سان سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سربراهه لاءِ اهليت جا شرط وڌيڪ وسيع ۽ جديد بڻايا ويا آهن۔ڪاروباري سهولتن واري پليٽ فارم سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ جو انتظام سنڌ آئي ٽي ڪمپني  حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔ هن پليٽ فارم ذريعي 19 صوبائي ادارن جون 150 کان وڌيڪ خدمتون آن لائن مهيا ڪيون پيون وڃن۔ڪابينا ڪراچي جي فرينچ بيچ وٽ اسٽرٽيجڪ ٽائيڊ گيج اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ 670 اسڪوائر يارڊ سرڪاري زمين 99 سالن جي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏني۔ماهيگيرن جي مطالبن تي سالياني فشنگ بندش ۾ 15 ڏينهن جي نرمي منظور ڪئي وئي، جنهن تحت پهرين جون کان 15 جون 2026 تائين مڇي ۽ جهينگا شڪار ڪرڻ جي اجازت هوندي۔ڪابينا انسٽيٽيوٽ  آف بزنس ايڊمنسٽريشن ڪراچي ترميمي بل 2026” منظور ڪيو، جنهن تحت آءِ بي اي کي سنڌ کان ٻاهر، اسلام آباد سميت، نوان ڪيمپس ۽ ريسرچ سينٽر قائم ڪرڻ جو اختيار ملندو۔ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائن جي لاٽ ٽو تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪابينا  ايف ڊبليو او کي سڌي معاهدي تحت ڪم ڏيڻ جي منظوري ڏني۔ 12.85 ڪلوميٽر ڊگهي رستي تي 90 ڏينهن اندر ٽريفڪ لين، انڊر پاس ۽ ڊرينيج نيٽ ورڪ مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔سنڌ ڪابينا هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ في ايڪڙ پنج 100 ڪلو وارا ڪڻڪ جا ٿيلها معاف ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ هيل تائين 71 هزار 462 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي وئي آهي ۽ 89 سيڪڙو ادائيگيون مڪمل ٿي چڪيون آهن۔ سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ترميمي بل 2026” تحت سڀني ٽيڪنيڪل ادارن جي لازمي رجسٽريشن ڪئي ويندي، جڏهن ته اقرا يونيورسٽي ترميمي بل 2025” ذريعي يونيورسٽي کي پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ڪيمپس کولڻ جي اجازت ڏني وئي۔ڪابينا سينٽر فار آٽزم ريهبليٽيشن اينڊ ٽريننگ سنڌ  ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ 10 سالن جي مفاهمتي يادداشت جي منظوري ڏني، جنهن تحت سنڌ آٽزم بحالي بابت پنهنجي مهارت اسلام آباد منتقل ڪندي. سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جي قانونن ۾ به ترميمون منظور ڪيون ويون، جن جو مقصد مزدورن جي حقيقي نمائندگي ۽ مهارتن واري شعبي ۾ انتظامي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں