ڪراچي-21 مئي (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان آٽزم جي شڪار ٻارن لاءِ ھن وقت تائين 10 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت پڻ آٽزم سينٽر جي قيام لاءِ سنڌ حڪومت کان سهڪار گهريو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ آٽزم سينٽر قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ان سلسلي ۾ مفاهمت …
سنڌ حڪومت طرفان آٽزم جي شڪار ٻارن لاءِ ھن وقت تائين 10 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-21 مئي (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان آٽزم جي شڪار ٻارن لاءِ ھن وقت تائين 10 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت پڻ آٽزم سينٽر جي قيام لاءِ سنڌ حڪومت کان سهڪار گهريو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ آٽزم سينٽر قائم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ان سلسلي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي صوبي طرفان پهرين آٽزم سينٽر قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت اڳي ئي 10 سينٽر قائم ڪري چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر ۽ وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي مؤثر پاليسين سبب هن سال ڪڻڪ جي بمپر فصل ٿي آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين جي ڀرپور مدد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي چرپر تي پابندي لاڳو ڪندي ذخيرو اندوزي خلاف سخت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا آهن، جڏهن ته کاتي خوراڪ ۽ ضلعي انتظاميا کي واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن ته ذخيرو اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن جي ڪڻڪ حڪومت جي حق ۾ ضبط ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا مختلف ترقياتي ۽ انتظامي فيصلن جي منظوري ڏني آهي جن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ويلنس اينڊ رڪريئيشنل پارڪ سکر جي اپ گريڊيشن، مير معصوم شاهه لائبريري سکر ۾ عورتن لاءِ خاص بلاڪ جو قيام، ۽ جيل خانا جات سنڌ ۾ قيدين جي خوراڪ لاءِ 91 ڪروڙ 61 لک رپين کان وڌيڪ جي اضافي گرانٽ جي منظوري شامل آهي. اهڙي طرح جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ آپريشن اينڊ مئنيجمينٽ ايڪٽ 2025 جي مسودا بل جي منظوري پڻ ڏني وئي، جڏهن ته وفاق کان منتقل ٿيل طبي ادارن جي انتظام لاءِ نئون قانوني فريم ورڪ پڻ منظور ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جي مقرري جا قاعدا، آنڪولوجي ۽ ويڪٽر مان پکڙجندڙ بيمارين جي دوائن کي اي پي اي ڊي ايس ۾ شامل ڪرڻ، ۽ مالي سال 2027-28 جي ٽينڊر لاءِ جولاءِ 2026 ۾ اڳواٽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. سنڌ پوسٽ گريجوئيٽ ريزيڊنسي پاليسي 2026 جي نفاذ ۽ سڀني سرڪاري ميڊيڪل ادارن ۾ هڪجهڙو پوسٽ گريجوئيٽ داخلا نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن تحت 3 هزار 794 تربيتي سيٽن لاءِ 4 ارب 73 ڪروڙ 90 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ صوبائي پوسٽ گريجوئيٽ ڪميٽي جي قيام ۽ ڊي ايڇ ڪيو ۽ ٽي ايڇ ڪيو اسپتالن ۾ لازمي تربيتي روٽيشن جي منظوري پڻ ڏني وئي.هن چيو ته سنڌ سيف بلڊ ٽرانسفيوزن ترميمي ايڪٽ 2026 جي مسودا بل جي منظوري ڏيندي بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي سربراهه جي اهليت جي معيار کي وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ (SBOSS) منتقلي منصوبي کي پڻ منظور ڪيو ويو ۽ هن پليٽ فارم جي استحڪام کي قومي اهميت قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح 1 جون کان 15 جون 2026 تائين مڇي مارڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ مهاڻن کي معاشي رليف فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته 15 جون کان پوءِ مڪمل پابندي ٻيهر لاڳو ڪئي ويندي.هن ٻڌايو ته آءِ بي اي ترميمي بل 2026 جي منظوري کان پوءِ آءِ بي اي کي سنڌ کان ٻاهر ۽ اسلام آباد ۾ پڻ ڪيمپس قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻو جوائنٽ وينچر معاهدو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ريڊ لائن بي آر ٽي تي مڪسڊ ٽريفڪ لين ايف ڊبليو او کي ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. 23 مئي تي حيدرآباد ۾ مفت پنڪ اسڪوٽيون ورهايون وينديون، ۽ سنڌ کي دنيا جو اڪيلو صوبو قرار ڏنو ويو جتي عورتن کي مفت اسڪوٽيون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته 22 مئي پاڪستان ۽ خاص طور تي ڪراچي لاءِ هڪ اهم ڏينهن هوندو، جڏهن شاهراهه ڀٽو کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڏنو ويندو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جو افتتاح ڪندو. انهي ڏينهن پاڪ چين دوستي جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي خاص تقريب منعقد ڪئي ويندي. هن چيو ته قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪ چين دوستي جي بنياد رکيو ۽ هي تعلق هر دور ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، جڏهن ته سي پيڪ جي حوالي سان پڻ اهم پيش رفت ٿي آهي. 28هين آئيني ترميم بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت طرفان ان تي ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي. هن مطابق آئين ۾ هر ترميم جي نقطن جو جائزو ورتو ويندو آهي، ۽ 26هين ۽ 27هين ترميم جي موقعي تي پڻ پيپلز پارٽي پنهنجا رايا پيش ڪيا هئا جيڪي تسليم ڪيا ويا. هن چيو ته مجوزا ترميم جو ڪو به مسودو تاحال شيئر نه ڪيو ويو آهي، ۽ پارٽي پنهنجو موقف نظرياتي بنيادن تي طئي ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ جو ڪافي اسٽاڪ موجود آهي ۽ پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي قيمت سڀ کان گهٽ آهي.












