سانگهڙ ۾ غيرت جي نالي تي نينگري قتل، ٽي جوابدار گرفتار

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) سانگهڙ ۾ غيرت جي نالي تي نينگري جي قتل جو افسوس جوڳو واقعو پيش آيو آهي. پوليس موجب نينگري جو قتل غيرت جي نالي تي ڪيو ويو. جڏهن ته قتل ٿيل نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي قتل ٿيل نينگري جي ڀاءُ خميسو، سهري فريد ابڙو ۽ سهولتڪار احمد شاهه کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻين …

حيدرآباد-21 مئي (اي پي پي) سانگهڙ ۾ غيرت جي نالي تي نينگري جي قتل جو افسوس جوڳو واقعو پيش آيو آهي. پوليس موجب نينگري جو قتل غيرت جي نالي تي ڪيو ويو. جڏهن ته قتل ٿيل نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي قتل ٿيل نينگري جي ڀاءُ خميسو، سهري فريد ابڙو ۽ سهولتڪار احمد شاهه کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. شروعاتي جاچ موجب  نينگري جي شادي 15 ڏينهن اڳ نوشڪي جي رهواسي علي نواز ابڙو سان ٿي هئي جڏهن ته ان کي ٻه ڏينهن اڳ بلوچستان مان واپس آندو ويو هو. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي اڳواڻ شازيه مري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته غيرت جي نالي تي قتل جو ڪيس رياست پاران داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انهن جي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ غيرت جي نالي تي نياڻين جو قتل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن پوليس کي هدايت ڪئي ته شفاف جاچ ڪري مضبوط ڪيس تيار ڪيو وڃي ته جيئن جوابدارن کي انهن جي انجام تائين پهچائي سگهجي.

مزید خبریں