پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي حوالي سان ڊويزنل انفارميشن آفيس لاڙڪاڻو ۾ تقريب منعقد

لاڙڪاڻو-21 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان  لاڙڪاڻو ۾ به ڊويزنل انفارميشن آفيس ۾ پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ قائم سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. ان موقعي تي ڊويزنل انفارميشن آفيس لاڙڪاڻو ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ آفيسرن ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪري پاڪ-چين دوستي کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي …

لاڙڪاڻو-21 مئي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان  لاڙڪاڻو ۾ به ڊويزنل انفارميشن آفيس ۾ پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين وچ ۾ قائم سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگره وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. ان موقعي تي ڊويزنل انفارميشن آفيس لاڙڪاڻو ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ آفيسرن ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪري پاڪ-چين دوستي کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي انفارميشن آفيسرن لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو ۽ محمد اسلم کوکر  چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، جنهن ڪري ان دوستي کي ”آئرن برادرشپ“ ۽ ”هر موسم جي دوستي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا صرف سفارتي نوعيت جا نه، پر ڀائپي، اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل ترقي جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن.هنن وڌيڪ چيو ته سفارتي لاڳاپن جي قيام کان وٺي پاڪستان ۽ چين سياسي، اقتصادي، دفاعي، تعليمي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون جاري رکيو آهي. چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پڻ عالمي معاملن ۾ چين جي حمايت جاري رکي آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت پاران وقت بوقت ڪيل دورن ۽ معاهدن سان لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن.ان موقعي تي هنن  وڌيڪ چيو ويو ته نهي ملڪن  وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي حڪومت  ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت صوبي ۾ چائنا جي مدد سان انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته چين جون مختلف ڪمپنيون هتي سيڙپڪاري پڻ ڪري رهيون آهن. تقريب ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري کي تاريخي دوستيءَ جو اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ منصوبن وسيلي پاڪستان ۾ توانائي، شاهراهن، انفراسٽرڪچر، بندرگاهن ۽ صنعتي شعبن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، جنهن سان ملڪ جي معيشت کي هٿي ملي آهي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. سي پيڪ کي علائقائي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ”گيم چينجر“ منصوبو پڻ قرار ڏنو ويو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي مستقبل ۾ به وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ امن لاءِ گڏيل تعاون جاري رهندو . تقريب جي پڄاڻي ۾ پاڪستان زنده باد، پاڪ چين دوستي زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا ۽ پاڪستان ۽ چين جي دائمي دوستي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

مزید خبریں