ڪراچي-21 مئي( اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو لاڙڪاڻي ۾ مقامي فنڪاره رخسانه سان پيش آيل ڦر واري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي واقعي بابت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.هن هدايت ڪئي ته متاثر عورت کي هر ممڪن سهڪار ۽ …
آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو لاڙڪاڻي ۾ مقامي فنڪاره رخسانه سان پيش آيل ڦر واري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو نوٽيس ورتو
ڪراچي-21 مئي( اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو لاڙڪاڻي ۾ مقامي فنڪاره رخسانه سان پيش آيل ڦر واري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي واقعي بابت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.هن هدايت ڪئي ته متاثر عورت کي هر ممڪن سهڪار ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي.












