پ پ پ عوامي مفادن خلاف هر قدم جي ڀرپور مخالفت ڪندي: امتياز احمد شيخ

ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ پروٽيڪٽيڊ بجلي واهپيدارن لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ سيپريٽ رهائشي ميٽر اسڪيم تي امڪاني پابندي بابت خبرن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان سبسڊي واپس وٺڻ غريب ۽ وچولي طبقي سان کليل زيادتي جي برابر هوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، …

ڪراچي- 20 مئي (اي پي پي) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ پروٽيڪٽيڊ بجلي واهپيدارن لاءِ سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ سيپريٽ رهائشي ميٽر اسڪيم تي امڪاني پابندي بابت خبرن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 200 يونٽن کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان سبسڊي واپس وٺڻ غريب ۽ وچولي طبقي سان کليل زيادتي جي برابر هوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري، ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي ڳرن بلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙين حالتن ۾ گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن تي وڌيڪ مالي بار وجهڻ ڪنهن به صورت قبول ناهي. امتياز شيخ چيو ته پروٽيڪٽيڊ واهپيدار اهو طبقو آهي جيڪو محدود آمدني ۾ پنهنجا گهريلو خرچ هلائي ٿو ۽ جيڪڏهن انهن جي سبسڊي ختم ڪئي وئي ته لکين خاندان سخت مالي بحران جو شڪار ٿي ويندا. هن چيو ته هڪ پاسي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي ته ٻئي پاسي عوام ڳرا بل ڀرڻ تي مجبور آهي، ڏهاڙي مزدور، گهٽ آمدني وارا ملازم ۽ وائيٽ ڪالر طبقو آخر اهو ٻٽو بار ڪيئن برداشت ڪندو. هن چيو ته سيپريٽ رهائشي ڪنيڪشن تي پابندي سبب ننڍن گهرن، گڏيل خانداني نظام ۽ ڪرائي جي پورشنن ۾ رهندڙ واهپيدارن جي بجلي بلن ۾ غير معمولي اضافو ٿيندو ۽ عام ماڻهو لاءِ بجلي جو استعمال وڌيڪ مشڪل بڻجي ويندو. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ ٽيڪس، سرچارجز، فيول ايڊجسٽمينٽ ۽ ٻين اضافي ٽيڪسن اڳ ئي عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي ۽ هر مهيني ايندڙ بل وائيٽ ڪالر طبقي لاءِ خوفناڪ خواب بڻجي چڪا آهن. امتياز شيخ چيو ته توانائي شعبي ۾ سڌارن جي نالي تي رڳو عام واهپيدارن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته بجلي چوري، لائين لاسز ۽ ناقص پاليسي سازي تي خاطرخواهه ڌيان نٿو ڏنو وڃي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پروٽيڪٽيڊ واهپيدارن جي سبسڊي فوري طور برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو وڃي، بجلي جي بلن ۾ شامل غير ضروري ٽيڪسن ۽ سرچارجز جو خاتمو ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ لوڊشيڊنگ جي مسئلي جي مستقل حل لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ته جيئن مهانگائي جي هن طوفان ۾ عام ماڻهو کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. امتياز شيخ واضح ڪيو ته پ پ پ ڪنهن به اهڙي فيصلي جي حمايت نه ڪندي جنهن سان غريب ۽ وچولي طبقي تي اضافي بار پوي ۽ عوامي مفادن خلاف هر قدم جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين.

مزید خبریں